داخلا ؛ 2061
پڙهيو ويو ؛ 350
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-08


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ابو هريره

ٽائيٽل ؛ ابو هريره


شاخ : اصحابي

ابو هريره: مشهور اصحابي، جنهن کان 5375 حديثون روايت ڪيل آهن. سندس پورو نالو عبدالله -بن- عامر ڄاڻايل آهي، جڏهن ته ڪن ڪتابن ۾ سندس نالو عبد شمس به ڄاڻايل آهي. -اسلام- قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو عمير رکيو ويو. جيئن ته هو ٻلين پالڻ جو شوقين هوندو هو، -ان- ڪري ”ابو هريره“ (ٻلين جو پيءُ) سندس ڪنيت ٿي وئي. خيبر واري -جنگ- جي موقعي تي سن 7 هه مطابق 629ع ۾ مديني شريف پهچي -اسلام- قبول ڪيائين. حضرت -ابو هريره- جيڪي حديثون روايت ڪيون آهن، -تن- مان 335 متفق عليہ آهن. کيس ”سلطان الحديث“ جو لقب پڻ مليل هو. حضرت عمر فاروق جي خلافت واري دور ۾ ڪجهه وقت -بحرين- جو گورنر به ٿي رهيو، پر جڏهن حضرت عثمان جي خلافت جو دور آيو ته پاڻ مديني ۾ گوشه نشين ٿي ويو. پاڻ 78 سالن جي ڄمار ۾ 676ع ۾ وفات ڪيائين. کيس -جنت البقيع- ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابو هريره- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابو هريره - مان نڪتل ٻيون شاخون-


اصحابي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اَبوذر غفاري حضرت
ابو هريره
بلال رضي الله عنه
ايوب انصاري حضرت
ابو ايوب انصاري رضي الله عنه
ثابت بن دحداح
ثابت بن ضحاڪ
ثابت بن قيس
جابر بن عبدالله الانصاري


.....اصحابي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن