داخلا ؛ 1976
پڙهيو ويو ؛ 915
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ابوالحسن مسعودي

ٽائيٽل ؛ ابوالحسن مسعودي


شاخ : شخصيت

ابوالحسن مسعودي: مسعودي جو نالو علي -بن- حسين -بن- علي، ڪنيت ابو الحسن ۽ وطن -بغداد- ھو ۽ جيئن ته مشھور -اصحابي- حضرت عبدالله -بن- مسعود رضھ سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انھيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي. ھن پنھنجي عمر جا 55 سال سير و سياحت ۾ گذاريا. ھن پنھنجي وطن -بغداد- کان سفر شروع ڪيو ۽ عراق، شام، آرمينيا، روم، (ايشيائي ڪوچڪ) آفريڪا، سوڊان ۽ حبش کان سواءِ چين، تبت، ھندستان ۽ سريلنڪا به آيو ۽ اتان ڪن ملڪن جي درياھن جو به سير ڪيو. هن جيڪي ڪم تاريخي ۽ جاگرافيائي معلومات لاءِ تحرير ڪيا آھن، اھي ھن کان پھريائين جاگرافيائي نويسن جي لکڻين ۾ نٿا ملن. ھن جي متعدد ۽ ضخيم ڪتابن مان فقط ٻه تاريخي ڪتاب موجود آھن. ”مروج الذھب“ و ”معادن الجواھر“ ۽ ”التنبيھ والا شراف“. مروج الذھب نھايت معلوماتي ۽ مفيد -تصنيف- آھي. اگرچه اھو -اسلامي تاريخ- جو ڪتاب آھي مگر ھن جي مقدمي ۾ دنيا جي سڀني قومن جي -تاريخ- آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستان جو ذڪر ۽ ھتان جي شھرن ۽ درياھن جي متعلق ھن ۾ مفيد معلومات موجود آھي. مسعوديءَ اھو ڪتاب سير و سياحت ختم ڪري سنه 332ھ مطابق 943ع ۾ لکيو ۽ اھو ڪتاب مصر مان گھڻائي دفعا ۽ پيرس مان 9 جلدن ۾ 1871ع ۾ فرينچ ترجمي سان شايع ٿيو آھي. ٻئي ڪتاب ۾ به ھندستان متعلق ڪجهه جغرافيائي معلومات آھي ۽ اھو لنڊن مان 1894ع ۾ شايع ٿيو آھي(Earrade Vaux) انھيءَ جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو آھي. آخري عمر ۾ مسعوديءَ مصر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي سنه 345ھ ۾ فسطاط آيو ۽ 346ھ ۾ اتي وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابوالحسن مسعودي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابوالحسن مسعودي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن