داخلا ؛ 1955
پڙهيو ويو ؛ 1069
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ابوالحسن ٺٽوي مخدوم

ٽائيٽل ؛ ابوالحسن ٺٽوي مخدوم


شاخ : عالم

ابوالحسن ٺٽوي مخدوم: ميان ابوالحسن -ٺٽي- جي آخوندن مان هو، پر هن وڏي سڄاڻ -استاد- جي سوانح بابت تفصيلي حوالا موجود نه آهن. البت پنهنجي ڪتاب (مقدمة الصلواة) جي آخر ۾ هن پنهنجو سڄو نالو ’ابوالحسن‘ توڙي عام ننڍو نالو ’ابول‘ يعني ’ابل‘ ۽ پنهنجي والد جو نالو عبدالعزيز لکيو آهي. سندس ڀاڻيجو ميان عبدالله ’واعظ‘ عرف ميان موريو، 1100 هه/ 1688ع واري عرصي ۾ زندهه هو. مخدوم محمود قائم، جنهن غالباً ميان ابوالحسن کان مڪتبي -تعليم- ورتي، تنهن سال 1157هه/1744ع ۾ وفات ڪئي، -ان- مان گمان نڪري ٿو ته ميان ابوالحسن 1080- 1100هه/1669- 1688ع واري عرصي ۾ حال حيات هو.
-تحفة الڪرام- ۾ ڄاڻايل آهي ته ميان ابوالحسن پيريءَ ۾ ڏنگڙي پُٺي ڪري هلندو هو، جنهن جي معنيٰ ته وڏيءَ عمر جو هو. انهن اهڃاڻن جي مدنظر ميان ابوالحسن اندازاً 1010هه/ 1601ع ڌاري ڄائو ۽ جيڪڏهن وفات وقت سندس عمر پنجاسي سال کن هئي ته پوءِ هن سال 1105هه/1693ع ڌاري وفات ڪئي.
انهن يا مٿين اهڃاڻن مطابق ميان ابوالحسن 11 صدي هجريءَ جي پوئين اڌ واري عرصي جو وڏو عالم ۽ -استاد- هو. -ان- وقت هو -ٺٽي- ۾ سنڌيءَ ذريعي بنيادي تعليمي تحريڪ جو اڳواڻ هو، جنهن جي شروعات کانئس اڳ ٿي چڪي هئي. -ان- سلسلي ۾ هن نماز جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هڪ خاص ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ لکيو. اڳ هن موضوع تي عربيءَ يا فارسيءَ ۾ ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. 1041هه/1631ع ۾ فتح محمد نالي هڪ برک سنڌي عالم جيڪو پاڻ هندوستان جي شهر برهانپور جو رهاڪو هو، پر جنهن جا وڏا سنڌ جي شهر -پاٽ- (موجوده ضلعي دادو) جا هئا، تنهن فارسيءَ ۾ ’مفتاح الصلواة‘ (نماز جي ڪنجي) نالي ڪتاب لکيو، جيڪو مشهور ٿيو ۽ مڪتبن، مدرسن ۾ پڙهايو ويو. غالباً -ان- کان پوءِ ميان ابوالحسن ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ (نماز جو مهاڳ سنڌي) جي نالي سان پنهنجو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو. جيڪڏهن ميان ابوالحسن وڏيءَ عمر ۾ 1105هه/1693ع ۾ وفات ڪئي، ته پوءِ هيءُ ڪتاب پنجويهه سال کن اڳ سنه 1080هه/1669ع ڌاري لکيو هوندائين ۽ -ان- جي لکجڻ سان ’سنڌيءَ‘ ذريعي -تعليم- ڏيڻ واري تحريڪ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن سڄاڻ عالم اهو ڪتاب خاص طرح شاگردن جي تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ درسي ۽ نصابي ڪتاب طور لکيو هو. هن ڪتاب جي خاتمي تي مصنف پنهنجي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد هن طرح ڄاڻايو آهي ته:
(الف) هن نماز جا مسئلا عربيءَ يا فارسيءَ بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ ساري لکيا آهن؛
(ب) انهيءَ لاءِ ته سڀ -ان- ڪتاب کي چاهه ۽ توفيق سان پڙهن ۽ ٻين کي پڙهائين؛
(ج) هن هيءُ ڪتاب خاص طرح شاگردن جي -تقاضا- تي لکيو آهي، ۽
(د) -ان- جو نالو ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ (نماز جو مهاڳ سنڌي) رکيو آهي.
ڪتاب جي اصل نالي ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ جي معنيٰ به اهائي آهي ته هيءُ ’مقدمة الصلواة‘ يعني ’نماز جو مهاڳ‘ آهي، پر اهو سنڌيءَ ۾ آهي، يعني عربيءَ يا فارسيءَ بدران هي سنڌي ’مقدمة الصلواة‘ آهي. تڏهن کان وٺي هن ڪتاب کي ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ جي بدران ’ابوالحسن جي سنڌي‘ سڏيو ويو، مصنف جي نالي سان گڏ ڪتاب جو اهو عام سولو نالو -ان- دور جي انهيءَ چاهه ۽ ذوق جو نتيجو هو ته علمي ۽ تعليمي سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه هجي، سو سولي سنڌيءَ ۾ ئي هجي. سنڌيءَ ۾ هن درسي ڪتاب -تصنيف- ڪرڻ بعد سڀ کان -اول- مخدوم ابوالحسن پاڻ پنهنجي درسگاهه ۾ هن ڪتاب کي پڙهائڻ شروع ڪيو. -ان- وقت کان وٺي هيءُ درسي ڪتاب ايترو ته مقبول ٿيو، جو نه فقط وڏن عالمن ۽ استادن جي وچ ۾ -ان- جي موضوع ۽ مضمون بابت تحقيقي بحث مباحثو ٿيو، پر سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ويندي ايندڙ اڍائي سؤ سالن تائين يعني اندازاً 1090هه مطابق 1680ع کان وٺي ويندي 1350 هه مطابق 1916ع تائين وڏي چاهه سان درسي ڪتاب طور پڙهيو ۽ پڙهايو ويو. سال 1920ع ۾ هن ڪتاب جو جيڪو ڇاپو حيدرآباد مان شايع ٿيو، تنهن جي ديباچي مان ظاهر آهي ته -ان- وقت جي تعليمي نصاب ۾ پڻ هيءُ هڪ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. ابوالحسن جو سنڌيءَ ۾ لکيل مقدمة الصلواة، نماز جو مهاڳ، درسي ڪتاب طور ايڏي وڏي اهميت وارو ثابت ٿيو، جو بقول مخدوم محمد هاشم جي ’نماز جي مسئلن بابت اهو دستورالعمل بنجي چڪو هو‘. انهيءَ عام مقبوليت جي مدنظر -ان- دور جي وڏن عالمن مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم محمد قائم -ان- ڪتاب تي علمي بحث شروع ڪيو، جنهن جي ذريعي هن درسي ڪتاب جي صحت ۽ اهميت جي وڌيڪ تصديق ٿي. اهو متفقه طور تي درسگاهن ۾ پڙهايو ويو ۽ مادري زبان سنڌيءَ ذريعي بنيادي -تعليم- ڏيڻ واري تحريڪ مضبوط ٿي. هن ڪتاب جا ڇاپا گهڻائي دفعا ڇپيا آهن، -جن- مان بمبئيءَ مان هيٺيان ٻه ڇاپا آڳاٽا آهن: پهرئين ڇاپي جي قيمت 7 -آنا- ڄاڻايل آهي. قاضي ابراهيم -بن- قاضي نورمحمد حيدري پريس، بمبئيءَ مان 1869ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جنهن جي قيمت 6 -آنا- ڄاڻايل آهي، صفدري پريس، بمبئيءَ مان 1887ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي -تعليم- کاتي طرفان پڻ -تعليم- کاتي جي پريس ڪراچيءَ مان 1871ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 8 -آنا- ڄاڻايل آهي. هن عالم کي مرحوم محمد صديق ميمڻ پنهنجي -تصنيف- ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ عربي الف- ب ۾ فارسيءَ جا چار اکر ملائي، ’سنڌي
الف- ب‘ ٺاهڻ جو موجد قرار ڏنو، جنهن کي ٻين سڀني اديبن ۽ عالمن جيئن جو تيئن قبول ڪيو ۽ مزيد ائين به لکيائون ته -ان- کان اڳ سنڌي -ٻولي- ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي.
غور طلب نُڪتو هيءُ آهي ته ’مقدمة الصلواة‘ جي -تصنيف- جو سال 1112هه/1700ع آهي، جڏهن ته -ان- کان اڳ ميين شاهه عنايت، شاهه لطف -الله- قادريءَ، ۽ ميين شاهه ڪريم جا ڪلام عربي سنڌي رسم الخط ۾ ئي لکيا ويا هئا، خاص ڪري انهيءَ حالت ۾ جڏهن 1030- 1060هه/1620-1650ع ۾ ’الف_ ب‘ ۾ تحرير ٿيل منظومين جو وڏو ذخيرو موجود هو، ۽ اهي به سؤ کن سال اڳ تحرير ٿيل منظومين جو اُتارو هئا. البت ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ الف – ب جي ترتيب ٻين عالمن کان ڪجهه وڌيڪ بهتر هئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابوالحسن ٺٽوي مخدوم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابوالحسن ٺٽوي مخدوم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن