ابوالحسن ڏاهري

ابوالحسن ڏاهري: سنڌيءَ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ عالم هو. هو نواب شاهه (هاڻي ضلعي بينظيرآباد) جي ڳوٺ ’ساوڙيءَ‘ ۾ 1116هه/1704ع ۾ ڄائو. 1136هه/1723ع ۾ جهونا ڳڙهه پڙهڻ لاءِ ويو. ڪاٺياواڙ- گجرات جو به سفر ڪيائين. سندس ڪلام ملي نه سگهيو آهي. نثر ۾ طريقت، شريعت، حقيقت ۽ معرفت جهڙن موضوعن تي لکيائين. ان کان سواءِ تصوف ۽ ٻين نڪتن تي پڻ لکيائين. ’ڪچڪول نامو‘ نالي سندس ڪتاب مشهور آهي، جيڪو 1176هه/1762ع ۾ تاليف ڪيائين. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب تصوف جي ٻين نڪتن تي لکيائين. ’ساوڙيءَ‘ ۾ مدرسو قائم ڪري درس ۽ تدريس جو شغل اختيار ڪيائين. 1181هه/1767ع ۾ وفات ڪيائين. هاڻوڪي دؤڙ اسٽيشن جي ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ ۾ ’اَبُل‘ نالي قبرستان ۾ مدفون آهي.
هن عالم جا ڪجهه فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل قلمي نسخا هٿ آيا آهن، جن جي بنياد تي ڪن محققن جو رايو آهي ته ’مقدمة الصلواة‘ جو مصنف ابوالحسن سنڌي هيءُ آهي، پر اها ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1704.00.00  عيسوي

ابوالحسن ڏاهري: سنڌيءَ ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ عالم هو . هو نواب شاهه ( هاڻي ضلعي بينظيرآباد ) جي ڳوٺ ’ ساوڙيءَ ‘ ۾ 1116هه/1704ع ۾ ڄائو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ علي محمد آخوند
در محمد سڪندري
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
ايل وي پرانچبي
عبدالرحمان شهيد
مير حيدرالدين سبزواري
آخوند قاضي ميان اسماعيل
سيد عبدالخالق جيلاني
قاضي محمدعلي ڏيٿو مٽياروي
عبدالحڪيم، مولوي 2
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون