ابوالقاسم سلطان مير جي مزار

ابوالقاسم سلطان مير جي مزار: ارغون ترخان دور جي هيءَ مزار/ اڏاوت تورڪي قبرستان ۾ واقع آهي. مير ابوالقاسم جي مزار سندس والد امير شاهه قاسم خان زمان جي پھلوءَ ۾ آھي ۽ پيلي پٿر جي پڪ سرائين ٿلھي تي ٻڌل آھي. پيرانديءَ کان لکيل تعويذ تي وفات جو سن لکيل آھي. ”مير ابوالقاسم ولد مير شاهه قاسم خان بيگلار ١٠٣٩ هه“. ھن صاحب ترخان دور تي ھڪ تاريخ بيگلار نامو‘ لکي، جيڪا انھيءَ دور بابت لاڀائتي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو