ابوالقاسم سلطان ٺٽوي

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي: مشهور فاتح ۽ سپهه سلار مير ابوالقاسم خان زمان جي گهر ۾ 960هه (1552ع) ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي والد وانگي بهادر، خود سر ۽ سخي مرد هو. پاڻ سٺو شاعر به هو، سندس تخلص ”بيگلار“ هو. ترخان گهراڻي جو جڏهن خاتمو ٿيڻ لڳو ۽ مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ وفات ڪري ويو. تڏهن ابوالقاسم سلطان، مرزا جي فرزند مرزا غازي بيگ کي، جو سندس ناٺي به هو، هڪ خط لکيو ته ملڪ جون حدون مقرر ڪيون وڃن. جنهن کان پوءِ مرزا غازي بيگ ساڻس جنگ جو اعلان ڪيو. آخر ملاڪاتيار وٽ ٻنهي فوجن جون ڇانوڻيون لڳيون، پر جنگ شروع ٿيڻ کان اڳي مرزا غازي بيگ فريب تحت پنهنجا ماڻهو موڪلي صلح جو پيغام ڏنو ۽ پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چيائين. هي بهادر اڪيلي سر انهن ماڻهن سان گڏ ويو ته ٻيڙيءَ ۾ غازي بيگ جي ماڻهن مٿس حملو ڪري چوکنڀو ٻڌي اچي کيس غازي بيگ اڳيان پيش ڪيو. غازي بيگ سندس ٻئي اکيون ڪڍي ٺٽي جي هڪ محل ۾ جيڪو واهه جي ڪناري تي هو، بند ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر بچي نه سگهيو ۽ 70 سالن جي ڄمار ۾ 1030هه/1620ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1620.00.00  عيسوي

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي: غازي بيگ ٺٽي جي هڪ محل ۾ جيڪو واهه جي ڪناري تي هو ، بند ڪرائي ڇڏيو . ڪجهه وقت کان پوءِ اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ، پر بچي نه سگهيو ۽ 70 سالن جي ڄمار ۾ 1030هه/1620ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف شيخ
حبيب الله فڪري
آفتاب سومرو
اسد الله ڀٽو پروفيسر
خلجي علاؤالدين
پائلو بياجي
شيخ حبيب الله ماستر
اِندر ڀوڄواڻي
سيد محمد مڪي رحه
ايڊيٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون