داخلا ؛ 2024
پڙهيو ويو ؛ 2557
پسند ڪيو ويو ؛ 31
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون


abulkalam-azad.jpg
مولانا ابوالڪلام آزاد
مولانا ابوالڪلام آزاد

abulkalam azad2.jpeg
مولانا ابوالڪلام آزاد
مولانا ابوالڪلام آزاد

abulkalam azad3.jpeg
مولانا ابوالڪلام آزاد
مولانا ابوالڪلام آزاد

abulkalam azad4.jpeg
مولانا ابوالڪلام آزاد مهاتما گانڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي
مولانا ابوالڪلام آزاد مهاتما گانڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي

abulkalam azad5.jpeg
مولانا ابوالڪلام آزاد مهاتما گانڌيءَ سان
مولانا ابوالڪلام آزاد مهاتما گانڌيءَ سان



ٽائيم لائين

1908.08.15-A.D
ابوالڪلام آزاد جي والد خيرالدين 15 آگسٽ 1908ع تي وفات ڪئي

1914.00.00-A.D
1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي

1916.03.30-A.D
نئين سرڪار ، کيس رانچي ( بهار ) ۾ 30 مارچ 1916ع تي نظربند ڪري رکيو .

1920.01.01-A.D
جنوري 1920ع ۾ آزاد ٿيو . ان وقت آزاديءَ جي هلچل ۽ خلافت تحريڪ جو زور هو ،

1958.02.21-A.D
ابوالڪلام آزاد، ڀارت جي آزاد حڪومت ۾ وزير تعليم ٿي رهيو . 21 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪيائين .جامع مسجد جي سامهون سرمد شهيد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ مدفون آهي .




sindhianaسنڌيانا--ابوالڪلام آزاد

ٽائيٽل ؛ ابوالڪلام آزاد


شاخ : شخصيت

ابوالڪلام آزاد:مشهور مفڪر، عالم دين ۽ عظيم سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو سڄو نالو محي الدين احمد -بن- خيرالدين ڪنيت ’ابوالڪلام‘ ۽ تخلص ’آزاد‘ هو. هي صديقي خاندان مان هو. سندس والد خيرالدين، مولانا محمد افضل جي ننڍي صاحبزادي محمد هاديءَ جو فرزند هو. محمد هادي مغل -بادشاهه- شاهجهان جي دور ۾ آگري ۾ سرڪاري ملازم هو.
مولانا آزاد جو والد خيرالدين، هندستان جون حالتون سازگار نه ڏسي، پنهنجي ناني مولانا منورالدين سان گڏ مڪي معظمه ويو، -جتي- شيخ محمد -بن- طاهر وتري جي ڀاڻيجيءَ سان 1862ع ڌاري شادي ڪيائين. کيس -آگسٽ- 1888ع ۾ مڪي شريف ۾، باب سلام جي ويجهو، قدوه محلي ۾ محي الدين احمد نالي فرزند ڄائو، جيڪو اڳتي هلي عالم -اسلام- جو جيد عالم ٿيو ۽ ابوالڪلام آزاد جي نالي سان مشهور ٿيو. مولانا آزاد پنجن سالن جي عمر ۾ -تعليم- وٺڻ شروع ڪئي. سندس والد 1895ع ۾ علاج لاءِ ڪلڪتي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. مولانا آزاد عربيءَ ۽ فارسيءَ جي -تعليم- والد وٽ ورتي، پوءِ مختلف استادن وٽ پڙهي، 1902ع ۾ تحصيل ۽ تڪميل ڪيائين، -تعليم- کي پڪي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت شاگردن کي پڙهائيندو رهيو. 1903ع ڌاري طب ۾ -تعليم- ورتائين. انهيءَ زماني ۾ شعر به چوڻ لڳو. مطالعي جو گهڻو شوق هئس. -اردو- مصنفن مان مولانا حالي، مولانا شبلي، ڊاڪٽر نذير احمد ۽ سر سيد احمد خان جا ڪتاب شوق سان پڙهيائين. 1905ع کان 1910ع تائين مذهبي ڪتابن جو پورو اڀياس ڪيائين. هن علامه ابن رشد، -امام- غزالي، مولوي محمد حسين آزاد ۽ ٻين عالمن جو پڻ مطالعو ڪيو.
اخبار نويسيءَ جو شوق 11 سالن جي عمر کان هئس. 1899ع ۾ ’نيرنگ خيال‘ رسالو ڪڍيائين، جيڪو 8 مهينا هليو. 1900ع ۾ ’المصباح‘ رسالو ڪڍڻ لڳو. 1903ع ۾ ’احسن الاخبار‘ ۾ مضمون لکيائين. ساڳئي سال نومبر 1903ع ۾ ’لسان الصدق‘ نالي ماهوار رسالو ڪڍيائين. 1904ع ۾ انجمن حمايت -اسلام- جي سالياني اجلاس ۾ تقرير ڪيائين. انهيءَ سال جي آخر ۾ والد سان گڏ حجاز ويو. ٻئي سال موٽڻ بعد، هن جي مولانا شبليءَ سان بمبئيءَ ۾ واقفيت ٿي، جنهن پنهنجي رسالي ’الندوه‘ جي ايڊيٽري هن جي حوالي ڪئي. -ان- کان پوءِ 1906ع ۾ -اخبار- ’الوڪيل‘ امرتسر ۾ ڪجهه وقت -ايڊيٽر- ٿي ڪم ڪيائين. اتان واپس ڪلڪتي اچڻ بعد -اربندو گهوش- ۽ ٻين انقلابي ڪارڪنن سان واقفيت ٿيس. سندس والد 15 -آگسٽ- 1908ع تي وفات ڪئي. -ان- کان پوءِ مولانا آزاد مسلمان ملڪن جي سير تي ويو. عراق، شام، مصر ۽ -ترڪي- گهمڻ کان پوءِ فرانس ويو، جتان موٽي وطن آيو. 1909ع جي سفر ۾ هن مسلمان ملڪن جي سياسي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي هلچل جو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترن ليڊرن سان ملاقات ڪئي. واپس اچڻ بعد 13 -جولاءِ- 1912ع تي هن مشهور -اردو- رسالو ’الهلال‘ ڪڍيو، جنهن ۾ هن مذهبي، ادبي ۽ سياسي مضمون لکي، پنهنجي قابليت جو سڪو هندستان تي ويهاري ورتو. 1913ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ حصو وٺي، سر وزير حسين جي مشوري سان، -ان- جي مقصدن ۾ تبديلي ڪرائي، يعني مسلم ليگ سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين.
1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، لڙائيءَ دوران انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ جي پاليسي ڏيکاري، پر هن ديوبندي عالمن سان گڏ اها پاليسي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ’الهلال‘ ۾ آزادانه مضمون لکندو رهيو. 14 ۽ 21 -آڪٽوبر- 1914ع جي ’الهلال‘ تي پابندي مڙهي وئي. ۽ مولانا آزاد 18 نومبر 1914ع کان ’الهلال‘ کي پاڻ ئي -بند- ڪري ڇڏيو. 12 نومبر 1915ع ۾ هفتيوار رسالو ’البلاغ‘ شروع ڪيائين. نئين سرڪار، کيس رانچي (بهار) ۾ 30 مارچ 1916ع تي نظربند ڪري رکيو. نتيجي طور کيس ’البلاغ‘ رسالو به -بند- ڪرڻو پيو. رانچيءَ ۾ نظربنديءَ دوران ’ترجمان القرآن‘ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ زماني حال جي تقاضائن مطابق قرآن پاڪ جي -تشريح- ڪيائين. 1919ع ۾ ڪتاب ’تذڪره‘ لکيائين. 1 -جنوري- 1920ع ۾ آزاد ٿيو. -ان- وقت آزاديءَ جي هلچل ۽ خلافت تحريڪ جو زور هو، جنهنڪري سموري هندستان جو سير ڪيائين. فيبروري 7- 8- 9- 10، 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير رشدالله شاهه جهنڊي واري جي صدارت ۾ ٿيل صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس ۾ تقرير ڪيائين. 15- 16- 17 فيبروري 1920ع تي، بمبئيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ بعد 20 فيبروري 1920ع تي ڪلڪتي ۾ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت ڪيائين.
مولانا آزاد، مهاتما گانڌيءَ سان ملي، حڪيم اجمل خان جي همراهيءَ ۾، ناگپور -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جي سالياني اجلاس ۾ سرڪار سان عدم تعاون جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. -ان- زماني ۾ هندو مسلم -اتحاد- جو اوج هو، -ان- ڪري مسجدن ۽ مندرن ۾ هندو ۽ مسلمان سياستدان ۽ عالم گڏجي تقريرون ڪرڻ لڳا. مولانا سڄي هندستان جو سير ڪري تقريرون ڪيون. مارچ 1921ع ۾ لاهور جي -بادشاهي مسجد- ۾ سرڪار جي -جاري- ڪيل منعنامي جي خلاف ورزي ڪندي زوردار تقرير ڪيائين. سرڪار 7- 8- 9- 19 -جولاءِ- 1921ع تي مولانا محمد عليءَ جي صدارت هيٺ سڏايل خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقريرن تي ڇهن ليڊرن کي سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو، جنهن ۾ مٿن الزام هو ته هنن ملٽريءَ کي -بغاوت- لاءِ آماده ڪيو هو. مولانا آزاد عوامي گڏجاڻين ۾ اهي ٺهراءَ ورجائڻ لڳو. نومبر 1921ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان آيو، جنهن جو سمورين سياسي تحريڪن -بائيڪاٽ- ڪيو. نتيجي طور مولانا کي 10 ڊسمبر 1921ع تي 124- اي قلم هيٺ ڪيس هلائي، هڪ سال سزا ڏني وئي. مولانا -ان- موقعي تي تاريخي بيان ڏنو، جيڪو ’قول فيصل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهي. -ان- وچ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ وڌي وئي. سيپٽمبر 1923ع ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس مولانا جي صدارت ۾ ٿيو، ڪو خاص نتيجو نه نڪتو، پر مولانا ڪوشش ڪندو رهيو. -ان- کان پوءِ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا: (1) قومپرست گروهه (2) فرقي پرست گروهه. مولانا قومپرست گروهه سان رهيو. 1925ع ۾ ڪانپور ۾ آل -انڊيا- خلافت ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ صدارت ڪيائين. 1930ع ۾ سول نافرمانيءَ جي تحريڪ ۽ لوڻ جي قانون ٽوڙڻ واري تحريڪ ۾ 6 مهينا سزا ڪاٽيائين. 1931ع ۾ جميعت العلماءِ هند جي
آل -انڊيا- ڪانفرنس (ڪراچيءَ) جو صدر ٿيو. 1940ع ۾ رامڳڙهه واري ڪانگريس اجلاس جو صدر چونڊيو، جنهن عهدي تي هندستان جي ورهاڱي 1947ع تائين رهيو. -ان- کان پوءِ ڀارت جي آزاد حڪومت ۾ وزير -تعليم- ٿي رهيو. 21 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪيائين. -جامع مسجد- جي سامهون سرمد شهيد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ مدفون آهي.
’ترجمان القرآن‘، ’تذڪره‘، ’غبار خاطر‘، ’آزاديء هند‘، ’انسانيت موت ڪي دروازي پر‘۽ سندس ٻيون تصنيفون شاهڪار حيثيت رکن ٿيون. مولانا آزاد اعليٰ پايي جو اديب، بيڊپو، قربانيءَ جو مجسمو، بلند پايي جو مفڪر، روح -اسلام- جو ڄاڻو ۽ ارادي جو پختو -انسان- هو.

وڪي پيڊيا لنڪ
http://en.wikipedia.org/wiki/Abul_Kalam_Azad




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابوالڪلام آزاد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابوالڪلام آزاد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن