داخلا نمبر 2029
عنوان ابوبڪر احمد حليم پروفيسر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 849 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابوبڪر احمد حليم پروفيسر

ابوبڪر احمد حليم پروفيسر: پروفيسر ابوبڪر احمد حليم (اي. بي حليم) نامور ماهر تعليم و تاريخ ۽ تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن 1 مارچ 1897ع ۾ جهان آباد (بهار) ۾ پيدا ٿيو. پروفيسر ابوبڪر احمد حليم علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جو سابق پرووائيس چانسلر ۽ شعبه تاريخ جو صدر رهڻ کانسواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر (51-1947) ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو پڻ پهريون وائيس چانسلر رهيو. هي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو رڪن به رهيو هو. هن نامور هستي 20 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.03.01  عيسوي

ابوبڪر احمد حليم پروفيسر: پروفيسر ابوبڪر احمد حليم ( اي . بي حليم ) نامور ماهر تعليم و تاريخ ۽ تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن 1 مارچ 1897ع ۾ جهان آباد ( بهار ) ۾ پيدا ٿيو .


1975.04.20  عيسوي

ابوبڪر احمد حليم پروفيسر 20 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ، کيس ڪراچيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون