داخلا نمبر 1776
عنوان ابڙو آفتاب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1330 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
آفتاب ابڙو

آفتاب ابڙو

ابڙو آفتاب

ابڙو، آفتاب: اصل نالو عبدالله پُٽ حافظ سعدالله، ابڙا قبيلي جي ’ڪماريو‘ پاڙي سان سندس لاڳاپو. ادبي ميدان ۾ آفتاب ابڙي جي نالي سان شهرت رکندڙ. پهرين مارچ 1956ع تي ڳوٺ ’گابر مسڻ‘، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. ثانوي تعليم، باڊهه هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪيائين، حافظ سعدالله (والد)، غلام نبي سومرو، مُحسن ڪڪڙائي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سراج ۽ شهناز نور سندس ادبي استاد رهيا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. آفتاب ابڙو سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي جا ڪجهه ڪتاب مرتب/ايڊٽ ڪيائين. ماهوار ’پيغام‘ ۽ ’سنڌ ماحول‘ جو ايڊيٽر، ماهوار ’ڪريسينٽ‘ ۽ ’بابو سپيئر‘ جو صلاحڪار ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي. سندس هيٺيون تصنيفون آهن:
’شاهه جي ٻولي‘ (1990ع)، ’شاهه عبداللطيف بحيثيت مُفڪر‘ (ترتيب) (1990ع)، ’جونيئر اسڪول ڊڪشنري‘ (1992ع)، ’نم جو وڻ‘ (1997ع)، ’ماحول بابت استادن جي سکيا‘ (1997ع)، ’ماحول بابت سماجي ڪارڪنن جي سکيا‘ (1997ع) ماحول جي بنيادي موضوعن بابت سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ 12 ڪتابڙا لکي چڪو آهي. هن وقت اطلاعات کاتي، حڪومت سنڌ ۾ آفيسر آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.03.01  عيسوي

ابڙو ، آفتاب: اصل نالو عبدالله پُٽ حافظ سعدالله ، ابڙا قبيلي جي ’ ڪماريو ‘ پاڙي سان سندس لاڳاپو . ادبي ميدان ۾ آفتاب ابڙي جي نالي سان شهرت رکندڙ . پهرين مارچ 1956ع تي ڳوٺ ’ گابر مسڻ ‘ ، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون