جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

جمال ابڙو

ابڙو جمال

ابڙو جمال: جمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي شروعاتي تعليم ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن ته ھن ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 44- 1943ع ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ بنگال ويو. ھن اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي ”لا“ (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جمال ابڙي ڪجھه عرصي تائين خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ان کان علاوه ھو ٻين مزدور تنظيمن جو به ميمبر رھيو. سندس والد وٽ ھڪ سٺي لائبريري ھئي، جنھنڪري ھن ننڍپڻ ۾ ئي ٽئگور، منشي پريم چند، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڙھي ڇڏيا ھئا. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، 25 سالن جي عمر ۾ 1949ع ۾ لکي، 24 سالن جي عمر ۾ 1948ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ 1949ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، جتي 1951ع تائين رھيو. 1952ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي ترقي ڏني وئي ۽ ترقي ڪندو 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1978ع تائين رھيو. 1978ع کان 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981ع کان 1982ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985ع کان 1986ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. 10 اپريل 1986ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. جمال ابڙو شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ھجڻ دوران سينڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رھيو. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ ھو، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ھن ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ”مارشل لا ۽ اسلام آباد“ جي عنوان سان ڪھاڻي لکي. اھا ڪھاڻي بعد ۾ ”فرشتو“ جي عنوان سان ’برسات‘ ۾ ڇپي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو پاشا“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ھن 1974ع ۾ روس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد: 1-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ 2- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، 3- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، 4- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ 5- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. ھن 30 جون 2004ع ۾ 80 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.05.02  عيسوي

جمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو .


2004.06.30  عيسوي

جمال ابڙي 30 جون 2004ع ۾ 80 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو ، جتي کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنهور رشيده اختر
ڄام راهو
سوامي غريب داس
اشرف منصور دائودپوٽو
آگاڻي ملڪ
پير ميان غلام نبي پنيل
تسنيم احمد صديقي
عبدالمجيد نائچ
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
اديب رضوي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون