داخلا نمبر 1806
عنوان ابڙو غلام مصطفيٰ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 604 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابڙو غلام مصطفيٰ

ابڙو غلام مصطفيٰ: سنڌ جو هي فنڪار، غلام مصطفيٰ ابڙو شاھپورچاڪر ۾ پيدا ٿيو، 12 - 13 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي قديمي ساز گھڙي (گھاگھر) وڄائڻ ۾ تمام گھڻي مھارت حاصل ڪئي. هن گهڙي وڄائڻ جو فن مرحوم علي بخش ڪوريءَ کان حاصل ڪيو. سندس چوڻ هو ته وڄت ۾ ”لئي“ رکڻ وڏي اھم ڳالھه ٿئي ٿي. وڄت جا ڪيترائي ”تار“ مشھور آھن، جن مان ”ڪلواڙو“ وڄائڻ سولو ۽ ”ڌادرو“ ۽ ”تين تار“ ڏکيو آھي، مگر ھو انھن تارن کي به وڄائي ويندو آهي، ھن سنڌ جي ناميارن ۽ سريلن ڳائڻ سان گڏ گھڙو وڄايو آھي، جن مان استاد منظور علي خان، عابده پروين، وحيد علي، مصري خان جمالي ۽ جلال چانڊيو قابل ذڪر آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو