داخلا ؛ 2092
پڙهيو ويو ؛ 2830
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-08


تصويرون


utam-a-jee.jpg
اتم اي جي
اتم اي جي



ٽائيم لائين

1923.12.16-A.D
هن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو

2005.01.03-A.D
اتم اي جي ؛ هن 3 جنوري 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو . سندس وفات تي سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا .




sindhianaسنڌيانا--اتم اي جي

ٽائيٽل ؛ اتم اي جي


شاخ : شخصيت

اتم ،اي.جي: اي جي اتم سنڌي -ٻولي- ۽ ادب جو ناميارو نالو آهي، هي سنڌ جي -ترقي- پسند اديبن جي پهرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل نالو آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي هو. هن جو -جنم- 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن ايم.اي (بمبئي يونيورسٽيءَ) مان ڪئي. هي هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، مقالا نگار، مترجم، صحافي، دانشور، نقاد ۽ محقق رهيو ۽ سنڌي ادب ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو پرچارڪ ۽ نقيب هو.
پاڻ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي، -تهذيب- ۽ سنڌيت جو وڏو پرچارڪ رهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ اُتم کي سنڌي -ترقي- پسند اديبن جي اها ٽمورتي سڏيو ويندو آهي، -جن- ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي هندوستان ۾ زنده رکڻ لاءِ هڪ منظم تحريڪ هلائي ۽ سندن ئي ڪوشش سان سنڌي -ٻولي- هندستان جي -آئين- جي اٺين شيڊيول ۾ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪئي وئي. اي. جي. اتم 42-1941ع ڌاري هڪ ئي وقت ادب ۽ -ترقي پسند فڪر- جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪري جديد -ترقي پسند ادب- کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ به -جاري- رکيائين. هن 40 سالن تائين نه رڳو لڳاتار ”نئين دنيا“ رسالو هلايو، پر نئين دنيا پبليشرز ممبئيءَ پاران ڪيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، هن 50 کان وڌيڪ اديبن کي متعارف ڪرايو، هي پهريون اديب هو، جنهن ادبي لکڻين تي نه رڳو معاوضو ڏنو، پر اوارڊ به ڏنا. هن جي ڪيترن ڇپيل ڪتابن کي هند سرڪار جي ساهتيه اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ايوارڊ ڏنا آهن. اُتم گڏيل هندوستان واري دور ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران جيل به ڪاٽيو، هي سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم. سيد، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي رهيو.
ڪهاڻيون، ترجما، مضمون نگاري، مقالا نگاري، تنقيد، سفرناما، شخصيتي خاڪا، هن جا پسنديده موضوع رهيا آهن. هن دنيا جا شاهڪار ناول ۽ ڪهاڻيون نه رڳو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، پر انهن جا ڪتاب به ڇپرايا. اتم جي ادبي پورهيي ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا.
(1). سرحد جو گانڌي (شخصيت: 1945ع)، (2) وجي لڪشمي پنڊت (شخصيت: 1946ع) (3). نئون چين، (1952ع)، (4). -ٽئگور- (هڪ جهلڪ: 1961ع)، (5). ڀارت روس دوستي (1965ع)، (6). ڀارت جو دوست لينن (1970ع)، (7). ڪشمڪش (ڪهاڻيون: 1971). (8). ساهت ۽ ساهتڪار (1974ع)، (9). سنڌي ڪهاڻي (ناٽڪ ۽ تنقيد: 1981ع)، (10). ساهتڪ پرک (تنقيد: 1997ع)، (11). هُو جهان، هي مَن (ڪهاڻيون: 1991ع)، (12). شاهه، سچل سامي (اڀياس)، (13). ليکراج عزيز (شخصيت ۽ فن: 1985)، (14). منگهارام ملڪاڻي (شخصيت ۽ فن 1985ع)، (15). ڪلياڻ -آڏواڻي- (شخصيت ۽ فن )، (16). -انسان- جو نصيب (شولو خوف جي ناول جو ترجمو 1965ع)، (17). پيار ۽ واسنا (ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو 1962ع)، (18). سويت سرڳ (سفر نامو 1954ع)، (19). سجاڳ سنڌ (تنقيد ۽ تحقيق: 1984ع)، (20). منهنجا مارو ڪٿي؟ (ڪهاڻيون)، (21) جئي سنڌي- جئي بنگلا (ڪهاڻيون، شعر ۽ مضمون)، (22). کلڻي ۽ ٻيون ڪهاڻيون (شيخ -اياز- نمبر)، (23). سنڌي ساهت (1971ع)، (24). ڇويهه ماڻهو ۽ هڪ ڇوڪري (گورڪيءَ جون ڪهاڻيون 1969ع)، (25). روپ ٻهروپ (خواجه احمد عباس جي ناول جو ترجمو 1979ع)، (26). ڪيدار ناٿ بئلا (امرت راءِ پريم جو نالو 1957ع).
اي. جي. اتم سويت لئينڊ نهرو امن اوارڊ (1965ع ۽ 1972ع) -ٻولي- ۽ ساهت سڀا'>-اکل ڀارت سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت سڀا- ادبي اوارڊ (1991ع)، پريم درشني ادبي اوارڊ (1991ع) ۽ ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر سدا رنگاڻي گولڊ ميڊل (1994ع) ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا.
اي. جي. اتم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 1973ع ۾ روس ۾ ”ورلڊ رائيٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي. ”هي ”سنڌي سنسار“، ”سنڌي سماچار“، اخبارن، ”سنڌو آواز“ هفتيوار -اخبار- ۽ ”نئين دنيا“ ادبي ماهوار مئگزين جو -ايڊيٽر- رهيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي ممبئيءَ ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جي نالي سان منظم ڪيو ۽ ڪيترن سالن تائين ”اکل ڀارت سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت“ جو سيڪريٽري رهيو. هن 3 -جنوري- 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات تي سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اتم اي جي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اتم اي جي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن