داخلا ؛ 2220
پڙهيو ويو ؛ 1497
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-10


تصويرون


ajmal-beg.jpg
اجمل بيگ مرزا
اجمل بيگ مرزا



ٽائيم لائين

1921.04.21-A.D
اجمل بيگ مرزا: مرزا اجمل بيگ 21 اپريل 1921ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب ، دانشور ۽ عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو .

1984.05.26-A.D
اجمل بيگ مرزا سنڌ جو هي سڄاڻ اديب ۽ شاعر 26 مئي 1984ع تي وفات ڪري ويو .




sindhianaسنڌيانا--اجمل بيگ مرزا

ٽائيٽل ؛ اجمل بيگ مرزا


شاخ : شخصيت

اجمل بيگ مرزا: مرزا اجمل بيگ 21 -اپريل- 1921ع تي ٽنڊي -ٺوڙهي- حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور ۽ عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- حيدرآباد شهر ۾ حاصل ڪيائين ۽ بي اي -بمبئي- يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. مرزا صاحب سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ راشنگ ڪنٽرولر مقرر ٿيو جتان 1976ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي -تان- رٽائر ٿيو. هو مرزا قليچ بيگ جو ستون نمبر فرزند هو. کيس -اکيون- کوليندي ئي ”شمس العلماء“ پيءُ جي هنج نصيب ٿي. انهيءَ علم ڀريءَ هنج مان هن -ٻار- ٻالپڻي ۾ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. فارسي ۽ سنڌي هن جي گهر جون زبانون هيون، باقي قرآني -تعليم- ۽ ٻيا سڀ مذهبي علوم به ننڍپڻ ۾ ئي سکي ورتائين کيس علم، ادب ۽ شاعري ورثي ۾ مليل هئا. مرزا صاحب شروعات ۾ پنهنجو تخلص ”فاضل“ رکيو، پر بعد ۾ ”اجمل“ جي تخلص سان لکندو هو. هو عروضي شاعريءَ جو ماهر سمجهيو ويندو هو. سندس ڪلام نهايت اعليٰ -پائي- جو آهي. پاڻ غزل، قصيدو، مثنوي، مخمس، بيت، سلام، مرثيه، نوحا، منقبت ۽ مناجاتون وغيره چيون اٿس. نظم ۾ لکيل سندس ڪتاب ”شاهنامه عرب عرف منظوم -تاريخ- اسلام“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. -ان- کان علاوه نيو ايٽلس جغرافيه (اردو)، انگلينڊ جي -تاريخ- (1953ع)، ٽريل انگلش ڊڪشنري (اردو، سنڌي، انگريزي) سر حسيني لطيفيات 1951ع)، دنيا جي نئين جاگرافي (1952ع)، -تاريخ- (1953ع)، رنگين جاگرافي -پاڪستان- (1958ع)، علم بدن ۽ صحت،علم طبعي، -انتخاب- ازگلستان و بوستان، سر سارنگ (لطيفيات)، مهاڳ رباعيون (تنقيد) وغيره به مشهور ڪتاب آهن. سنڌ جو هي سڄاڻ اديب ۽ شاعر 26 مئي 1984ع تي وفات ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اجمل بيگ مرزا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اجمل بيگ مرزا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن