حڪيم اجمل خان

حڪيم اجمل خان

اجمل خان حڪيم

اجمل خان، حڪيم: اجمل خان وڏو طبيب ٿي گذريو آهي. 11 فيبروري 1868ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان، شهنشاهه اڪبر جي درٻار سان لاڳاپيل هو. اجمل خان جو پيءُ، حڪيم محمود خان، شاهه عالم جو خاص طبيب هو. اجمل خان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. طب جي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ حڪيم محمد واصل کان حاصل ڪيائين. اجمل خان 1904ع ۾ طبي ڪانفرنس جو بنياد وڌو. 1908ع ۾ کيس ”حاذق الملڪ“ جو خطاب مليو. ٻه دفعا يورپ جو سفر ڪيائين. 1914ع ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد وڌائين. 1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. اجمل خان طب تي ڪيئي ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ سياسي مضمون به لکيائين.29 ڊسمبر 1927ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪيترا دواخانا موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.02.11  عيسوي

اجمل خان ، حڪيم: اجمل خان وڏو طبيب ٿي گذريو آهي . 1863ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو .


1904.00.00  عيسوي

اجمل خان 1904ع ۾ طبي ڪانفرنس جو بنياد وڌو . 1908ع ۾ کيس ” حاذق الملڪ “ جو خطاب مليو .


1921.00.00  عيسوي

1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين . اجمل خان طب تي ڪيئي ڪتاب لکيا ،


1927.12.20  عيسوي

حڪيم اجمل خان ؛ 29 ڊسمبر 1927ع ۾ وفات ڪيائين . سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪيترا دواخانا موجود آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد مڪي1
حسني مبارڪ
انور جوکيو
نصير سومرو 1
پنڊت وجئه لڪشمي
جان شير خان
ٽوپڻ شيخ
حبيب حضوري
صبيحه خانم
زهره شيرازي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون