احتشام الحق ٿانوي مولانا

احتشام الحق ٿانوي، مولانا: ننڍي کنڊ جو هيءُ ممتاز عالم دين، 15 مئي 1915ع ۾ ڪيرانه (يو. پي) جي معزز گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. حضرت مولانا اشرف علي ٿانويءَ سان ذهني لاڳاپي سبب ’ٿانوي‘ سڏائيندو هو. مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ مولانا شبير احمد عثمانيءَ سان گڏ رهڻ سبب سياسي طور مسلم ليگ جو حامي ٿيو ۽ مسلمانن جي واعظ ۽ تدريس ذريعي خدمت ڪيائين. هن جو ريڊيو پاڪستان تان درس قرآن ڪافي عرصو جاري رهيو. ٽنڊي الھيار جي ديني مدرسي جو باني هو. مرڪزي جمعيت علماءِ اسلام ٿانوي گروپ جو سربراهه به رهيو. ايوب خان خلاف هلايل تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. رويت هلال جي مسئلي تي ڪجهه وقت نظربندي به ڪاٽيائين. پيپلزپارٽيءَ جي دؤر حڪومت (ذوالفقار علي ڀٽي جو دؤر) ۾ رويت هلال ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.11 اپريل 1980ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو