احد جبل

احد جبل

احد جبل

اُحد جبل: هي عربستان جو هڪ مشهور جبل آهي، جيڪو حضرت هارون جي تربت ۽ احد جي جنگ سبب مشهور آهي. احد جبل مديني کان اُتر طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3هه/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’اُحد واري جنگ‘ لڳي هئي، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو. هن جبل کي ”جبل الرمان“، ”جبل العين“ يعني ٻن اکين وارو جبل به چوندا آهن. پهريون نالو ان ڪري پيس، جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هن ٽڪريءَ تي احد واري جنگ ۾ تير انداز مامور ڪيا هئا ۽ ٻيو نالو شايد ان ڪري پيس، جو هن جبل جي اُترئين دامن ۾ ٻه چشما موجود آهن. هن جبل جي ڊيگهه 3 ميل آهي، ۽ هتي حضرت حمزه جي قبر به موجود آهي.


لفظ احد جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0625.00.00  عيسوي

هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3هه/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’ اُحد واري جنگ ‘ لڳي هئي ، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو


0003.00.00  هجري

هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3هه/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’ اُحد واري جنگ ‘ لڳي هئي ، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو



جبل - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاڙهيارو جبل
بڊو جبل
ثور
ٽوڙو
اولمپس
ڀوڪرُ
چِٽَ پهاڙن جا
تيرٿ ڪنڀ
ٻنڌڻي گبر بند
باميان
جبل ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون