داخلا ؛ 2295
پڙهيو ويو ؛ 1298
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-10


تصويرون




ٽائيم لائين

1942.04.04-A.D
احفاظ الرحمان: هو 4 اپريل 1942ع تي جبلپور شهر ۾ ڄائو ،

1964.00.00-A.D
احفاظ الرحمان: سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شاگرد جماعت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو ۽ 1962ع ۽ 1964ع واري شاگرد تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين .

1978.00.00-A.D
. 1978ع ۾ جنرل ضياءُ الحق خلاف صحافين جي تاريخي تحريڪ ( 78-1977ع ) ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين ۽ اخباري ڪارڪنن جي گڏيل ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو .




sindhianaسنڌيانا--احفاظ الرحمان

ٽائيٽل ؛ احفاظ الرحمان


شاخ : شخصيت

احفاظ الرحمان: احفاظ الرحمان -اردو- ۽ -انگريزي- زبان جو صحافي ۽ -ترقي- پسند شاعر ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي، هن صحافتي دنيا ۾ سدائين صحافت جي -آزادي- ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هو 4 -اپريل- 1942ع تي جبلپور شهر ۾ ڄائو، -پاڪستان- ٺهڻ بعد سندس خاندان لڏي اچي ڪراچي -آباد- ٿيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شاگرد جماعت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو ۽ 1962ع ۽ 1964ع واري شاگرد تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن صحافت شروع ڪئي ته کيس پرڏيهي ٻولين جي صحافتي اداري بيجنگ چين ۾ نوڪري ملي. هن چين ۾ ثقافتي -انقلاب- پنهنجي اکين سان ڏٺو، 1972ع ۾ ڪيترائي چيني ڪتاب ۽ مائوزي -تنگ- جون لکڻيون -اردو- ۾ ترجمو ڪيون. 1972ع ۾ وطن موٽيو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان -اخبار- ”مساوات“ ۾ سينيئر عهدي تي ڪم ڪيو. 1978ع ۾ جنرل ضياءُ -الحق- خلاف صحافين جي تاريخي تحريڪ (78-1977ع) ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين ۽ اخباري ڪارڪنن جي گڏيل ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. صحافين واري تحريڪ جي ٽنهي مرحلن ۾ اڳيان رهيو. جيئن تحريڪ ختم ٿي ته وڏين اخبارن کيس بليڪ لسٽ ڪري نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊگهي عرصي کان پوءِ 1993ع ۾ -جنگ- -اخبار- جي ميگزين ۾ نوڪري مليس. کيس 2002ع ۾ -پاڪستان- فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر چونڊيو ويو. هن صحافين کي ويج بورڊ مطابق پگهارون ۽ سهولتون ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. احفاظ ايڪسپريس -اخبار- ۽ ٽي ويءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. هن جا ڪتاب ”جنگ -جاري- رهي“، ”نئين الف ليليٰ“ -تاريخ- چين ’چوُ اين لائي‘ جي سوانح عمري 2008ع ۾ شايع ٿيا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -احفاظ الرحمان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

احفاظ الرحمان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن