داخلا نمبر 2314
عنوان احمد حسن داني
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 796 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
احمد حسن داني

احمد حسن داني

احمد حسن داني

احمد حسن داني :احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو. پاڻ پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو، سنسڪرت جو پاڪستان ۾ واحد عالم، پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي جو چيئرمين، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي قديم آثارن جو ماھر هو. پاڻ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن جو ڊائريڪٽر رهيو. قائداعظم يونيورسٽيءَ جو پروفيسر امرٽس به رهيو. داني صاحب ڪيترين پاڪ-ڀارت ٻولين جو ڄاڻو هو.
ھي پھريون مسلمان عالم ھو، جنھن بنارس ھندو يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. کيس مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان ’ھلال امتياز‘ جو تمغو عطا ڪيو ويو. سندس کوڙ مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ مڪليءَ جي آثارن تي انگريزي ۾ “Islamic Architect of Thatta” نالي ڪتاب اهم آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو محترم عطا محمد ڀنڀري ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. پاڪستان ۾ سڪن جي علم تي ملڪو هئس، سندس رهنمائيءَ ۾ نوجوان محقق عبدالله خان ورياهه سڪن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ”سِڪن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ“ عنوان تي Ph.D پئي ڪئي، پر افسوس جو آخري سيمينار کان اڳ عبدالله خان گذاري ويو، سندس محنت شايع ٿيڻ جي منتظر آهي. احمد حسن داني 25 جنوري 2009ع تي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

احمد حسن داني :احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو . پاڻ پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو ،


2009.01.25  عيسوي

احمد حسن داني 25 جنوري 2009ع تي گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون