داخلا نمبر 4283
عنوان احمد حسين ميمڻ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 423 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
احمد ميمڻ

احمد ميمڻ

احمد حسين ميمڻ

احمد حسين ميمڻ: سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو مشهور اداڪار احمد حسين ولد محمد پڃل ميمڻ 28 آگسٽ 1965ع تي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ جي درسگاهن مان ورتي. سندس ڪيترائي سنڌي توڙي اردو ڊراما وقت بوقت مختلف چئنلن تان نشر ٿيندا رهيا آهن. هن سڀ کان پهرين مشهور ڊائريڪٽر ذوالفقار نقويءَ جي ڊرامي ’ڪيمياگر‘ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جيڪو ڊرامو پي. ٽي. ويءَ تان پيش ڪيو ويو. ان کانپواِ هن ڪيترن مشهور سنڌي، اردو ڊرامن: ۾ ڪم ڪيو ڪن ۾ ’سوال‘، ’آئيندو‘، ’جياپو‘، ’اڄ‘، ’ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه‘، ’سج گرهڻ‘ ۽ اردو ڊرامن: ’روپ هزار‘، ’يه جهان‘، ’نگاري‘، ’الجهن‘، ’سونيتي‘ ،’ڀڳت ڪنور رام‘وغيره شامل آهن . سنڌي چئنلن خاص طور ’ڪي ٽي اين‘، ’سنڌ ٽي وي‘، ’آواز‘، ’ڌرتي‘ ۽ ’مهراڻ‘ ٽي. وي تي سندس ڊراما ڪافي مقبول ٿيا آهن، هي اشتهاري ڪمپنين سان به ڪم ڪندو رهيو آهي. احمد ميمڻ جو شمار سنڌي ٽي. وي جي ڊرامن جي نامور اداڪارن ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.08.28  عيسوي

احمد حسين ميمڻ 28 آگسٽ 1965ع تي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون