داخلا نمبر 4005
عنوان احمد خان لغاري نواب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 304 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

احمد خان لغاري نواب

احمد خان لغاري، نواب: نواب احمد خان لغاري 1207هه/1792ع ۾ ڄائو. ٽالپر حڪومت جي مشهور وزير اعظم نواب ولي محمد خان جو وڏو فرزند هو. پنهنجي والد جي نظر هيٺ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ باقاعدي وزارت جي تربيت حاصل ڪري ٽالپرن جي درٻار ۾ داخل ٿيو. انگريزن ۽ ٽالپرن جي عهد نامن دوران نواب احمد خان ايلچي رهيو. پاڻ باهمت انسان هو، سندس عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هئي. هو سندن ڀلائي ۽ بهبود خاطر هميشه ڪوشان رهندو هو. همت ۽ مردانگيءَ سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان فقيريءَ ڏانهن مائل هئي، جنهنڪري ٺٽي جي درويش شاهه بلاول جو مريد ٿيو، جيڪو بعد ۾ لڏي ڀين ۾ آيو ۽ ڀين وارو صاحب سڏجڻ لڳو.
مير صاحبن جي اسرار تي شاهه بلاول جڏهن سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانو ٿيو ته ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين ته مريد اسان جو آهين، پر صحبت وڃي صوفي فضل الله قلندر سان ميرانپور (جھوڪ) ۾ ڪر، انهي ءَکانپوءِ نواب احمد خان صوفي شاهه قلندر جو مريد ٿيو. هتان کانپوءِ نواب (لغاري) خاندان جو تعلق لڳاتار جھوڪ شريف سان قائم ٿيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. نواب احمد خان لغاري 19 ذوالقعد 1286هه/21 فيبروري 1870ع تي پنهنجي ڳوٺ مرزانپور جاگير ۾ وفات ڪئي، کيس جھوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. سندس اٿڻي ويهڻيءَ ۾ فقيري ۽ درويشي نمايان هوندي هئي. هن جي زندگي صوفياڻي زندگيءَ جو چٽو نمونو هئي. سندس اهڙو فڪر ۽ خيال کانئس پوءِ سندس اولاد ۽ خاندان جي ٻين شاعرن ۾ به ملي ٿو. نواب احمد خان صاحب صوفياڻو فڪر رکندڙ شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف ۽ حقيقت جي حب جو ذڪر گھڻو ملي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ بهتر انسان ٿي بهتر زندگي گذارڻ ڏانهن اشارا موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو