داخلا نمبر 4007
عنوان احمد خان هيسباڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 265 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي

احمد خان هيسباڻي: نامور استاد ۽ تعليمدان احمد خان هيسباڻي، 27 جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ مولوي نورالله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي عربي ۽ فارسي تعليم سيد مهدي شاهه جي درسگاهه مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڳوٺ خداداد سامٽئي ۾ پنهنجي مامي مولوي نورالله هيسباڻيءَ وٽان وڌيڪ عربي ۽ فارسي تعليم ورتائين. جنهن کانپوءِ سنڌي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀاڳي ديري مان وقت جي قابل استادن عبدالله ميمڻ، پيرل شاهه ۽ محمد صديق چنڙ وٽان حاصل ڪيائين. پنهنجي ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ نهايت مقبول رهيو. اسڪالرشپ جي امتحان ۾ امتيازي پوزيشن کنيائين. انگريزي تعليم لاءِ اي.پي ڪلاس درٻيلي ۾ داخل ٿيو، جتي ديوان واٽومل ۽ دين محمد سهاڳ سندس استاد رهيا، ان اسڪول ۾ هڪ درجو پڙهڻ بعد لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ داخل ٿيو، جتي به ذهانت سبب 12 روپيا اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، استادي پيشي سان وابسته ٿيو. ڪجهه وقت خزاني آفيس ۾ نوڪري ڪيائين، پر اتان جلد ئي استعيفيٰ ڏنائين. احمد خان هيسباڻيءَ هڪ قابل ۽ لائق استاد جي حيثيت ۾ پنهنجو تعليمي سفر 23 آگسٽ 1947ع کان 27 جولاءِ 1988ع تائين جاري رکيو. استاد احمد خان هيسباڻيءَ تعليمي سفر دوران 1954ع ۾ بي. اي، ۽ 1956ع ۾ بي.ٽي ڪئي. 1969ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪئي. سرهاڙي ۽ سانگهڙ جي اي. پي ڪلاس اسڪولن ۾ پڙهائڻ کانپوءِ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ بدلي ٿي آيو، جتي استاديءَ جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ شاگردن جي هاسٽل جو به انچارج رهيو. 10 جون 1959ع تي کيس ترقي ڏئي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن نه رڳو هاءِ اسڪول جي پڙهائيءَ جو معيار بهتر بڻايو، پر پنهنجي مدد پاڻ جي اصول هيٺ اسڪول لاءِ ڪجهه ڪمرا، ورڪشاپ ۽ مسجد به ٺهرايائين. ڪجهه عرصو سڪرنڊ، موري ۽ دولتپور هاءِ اسڪولن جو به هيڊماستر رهيو. ان کانپوءِ برک تعليمي ماهر ايڇ. ايم. خواجا جي رٽائر ٿيڻ بعد 7 آڪٽوبر 1992ع تي کيس ايڇ. ايم خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه جو هيڊماستر بڻايو ويو. هن خواجا صاحب جي روايتن تي هلندي 9 سالن تائين محنت ۽ جانفشاني سان هاءِ اسڪول جو نه رڳو انتظام هلايو، پر تعليم جو معيار به بهتر بنايو. ان کانپوءِ استاد احمد خان ٺارو شاهه هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر سانگهڙ رهيو.
کيس هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پڙهڻ کان وٺي شاعريءَ جو به شوق هوندو هو ۽ شاعريءَ جي اصلاح مخدوم امير احمد کهڙائيءَ کان ڪرائيندو هو. مخدوم صاحب جي سرپرستيءَ ۾ قائم ’بزم ادب‘ ۾ به شريڪ ٿيندو هو. هن شاعريءَ سان گڏ افسانا به لکيا، جيڪي نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ’ادا‘ ۽ ’رهنماءِ طلبه‘ ۾ شايع ٿيا. هو شاعريءَ ۾ ’تنوير‘تخلص ڪم آڻيندو هو. ڪجهه مقالا به لکيائين. سرائيڪيءَ ۾ به شاعري ڪيائين. پاڻ ساهتيءَ جي بهترين استادن ۾ شمار ٿيندو هو. 22 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. سندس لائق فرزند بشير احمد هيسباڻي به سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اديب آهي، جنهن وٽ نوابشاهه ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو