احمد سائين خانڳڙهيِ

احمد سائين خانڳڙهيِ: احمد سائين خانڳڙهي مشهور بزرگ۽ عالم حافظ مولوي عبدالغفار نقشبندي جي گهر تيرهين صدي هجري جي پوئين ڏهاڪي ۾ خان ڳڙهه شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو مهر ذات سان هو. خان ڳڙهه ۾ هڪ پاسي مهرن جي سردار جو مسڪن آهي، ٻئي پاسي حافظ عبدالغفار ۽ احمد سائينءَ جي درگاهه آهي. جتي روزانو ڪئين عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا. هن درگاهه جو تعلق ڀرچونڊي شريف سان آهي. احمد خانڳڙهي 1325 هه/ 1907ع ۾ درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. طريقت ۾ رندانا مشرب اختيار ڪيائين. احمد سائين گهڻو ئي ڪلام چيو آهي جنهن ۾ مولود، سي حرفيون ۽ ڪافيون شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب به شايع ٿيل آهن. احمد سائين 23 شوال سن 1353هه/1935ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو