احمد سليم

احمد سليم

احمد سليم

احمد سليم: ليکڪ، صحافي ۽ شاعر احمد سليم جو پورو نالو محمد سليم خواجه آهي. سندس جنم 26 جنوري 1945ع تي ميانا گوندل (گجرات، پنجاب) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. انٽر ميڊيئيٽ لاءِ پھرين اردو ڪاليج ۽ پوءِ عبدالله هارون ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس ملاقات ڪاليج جي پرنسپال ۽ مشھور شاعر فيض احمد فيض سان ٿي. شيخ اياز ۽ نجم حسين سيد سان سندس ويجهڙائي رهي. 1971ع ۾ نئشنل عوامي پارٽيءَ (نعپ) ۾ شامل ٿيو. يحيٰ خان جي مارشل لا واري زماني ۾ هُن جيل به ڪاٽيو. 1968ع ڌاري ڪجهه وقت نئشنل بئنڪ ۾ ملازمت ڪئي. 1969ع کان 1971ع تائين لاهور جي شاهه حسين ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏنيون. 1972ع کان 1975ع تائين فيض احمد فيض سان گڏ نئشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ڪم ڪرڻ دؤران هن سنڌي ۽ پنجابي لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو. 77-1976ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾، پاڪستاني ٻولين جو ڪورس تيار ڪري پڙهايو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ دؤران هن گريجوئيشن جي تعليم به مڪمل ڪئي. شاهه حسين جي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ۽ شاهه لطيف جي ڪلام کي پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ به سندس اهم ڪمن ۾ شمار ٿين ٿا. 1977ع ڌاري هو ڪراچي آيو ۽ روزاني ’امن‘ اخبار ۾ ٽي وي پروگرامن بابت تجزياتي ڪالم لکيا. 1979ع ڌاري هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، فلسفي ۾، ايم اي جي ڊگري (گولڊ ميڊل) حاصل ڪئي. 1985ع کان 1988ع کان تائين هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستاني ٻولين بابت تيار ڪيل پنھنجو ڪورس پڙهايو. 1988ع ۾ لاهور آيو. 1996ع کان 2007ع تائين هڪ غير سرڪاري تنظيم SDPI (Sustainable Development Policy Institute) جي اردو اشاعتي پروگرام جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. 14 آگسٽ 2010ع تي ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. سندس تصنيفن ۾: (1) ڪن تنبور (شعري مجموعو)، (2) نورمناريَ (شاعري)، (3) رات دي رات (فيض جي منتخب اردو نظمن جو پنجابي ترجمو)، (4) نال ميري ڪوئِي چلي (ناولٽ)، (5) جو بيجل ني آکهيا (شيخ اياز جي منتخب سنڌي شاعريءَ جو پنجابي ترجمو)، (6) ڪونجان موئيان (شعري مجموعه)، (7) گهڙي دي ٽِڪ ٽِڪ (شاعري)، (8) جب دوست نھين هوتا (شاعري)، (9) ميري ڌرتي ميري لوگ (يادين، باتين، ملاقاتائين)، (10) فرمودات فاطمه جناح، (11) مادر ملت ني ڪھا، (12) مادر ملت سفر آخرت ڪي ڪھاني، (13) سعادت حسن مرگيا، (14) انتخاب مخزن، (15) هماري تحريڪ آزادي اور تخليقي عمل، (16) فيض يادين باتين، (17) منٽو هماري عھد ڪا تخليقي ضمير، (18) منٽو ميرا دوست ميرا دشمن، (19) روسي ادب ڪا شاهڪار، (20) فيض، (21) مجموعه سيد احتشام حسين، (22) عبدالله حسين تخليقي سفر ڪي نصف صدي، (23) ريت پاري، (24) عبرت نامه، (25) فارغ بخاري اور ترقي پسند تحريڪ، (26) فيض احمد فيض، جان سي گذر گئي، (27) انجمن ترقي پسند مصنفين اور احمد نديم قاسمي، (28) احتشام حسين شخصيت اور فن ڪا جائزه، (29) بهگت سنگهه، (30) ڪشمير اور بهڻو، (31) جديد پنجابي ادب، (32) ڪليم الدين شمس: شخصيت اور خدمات، (33) پاڪستاني معاشره اور ادب، (34) ڪارل مارڪس يادين اور باتين ۽ ٻيا شامل آهن. 10 ڊسمبر 2023ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ احمد سليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.26  عيسوي

ليکڪ، صحافي ۽ شاعر احمد سليم جو پورو نالو محمد سليم خواجه آهي. سندس جنم ميانا گوندل (گجرات) ۾ 26 جنوري 1945ع تي ٿيو.


2023.12.10  عيسوي

احمد سليم 10 ڊسمبر 2023ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
شاهو خان زنگيجو
رسول حمزه توف
سيد اصغر علي شاهه عاجز
انور هالائي
شيڪسپيئر وليم
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
عبدالرحيم گرهوڙي شهيد
اسحاق راهي
پريتم هنڱوراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون