احمد علي شاهه

احمد علي شاهه: عارفاڻو شاعر، جنهن جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ”ڪافين جي ڪتاب“ ۾ موجود آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هو سال 1305هه/1887ع کان اڳ ٿي گذريو آهي. فاضل شاهه جي لکڻ موجب، ”احمد علي شاهه سيد ماتليءَ جو رهندڙ آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس ٻه ڪافيون ڏنل آهن. نصرپور جي قلمي ذخيري مان پڻ احمد علي شاهه جون ٻه ڪافيون مليون آهن.


لفظ احمد علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو