احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل

احمد مغل: احمد مغل ولد حيات علي مغل، نامياري ڳائڻي رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو ننڍو ڀاءُ آهي، جنهن سرمد جي گائڪيءَ جو انداز اختيار ڪري، سرمد جي راڳ کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. احمد مغل پهرين مارچ 1968ع تي ”پريالوءِ“ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين پريالوءِ ۾ پڙهيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان انٽرپاس ڪيائين. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ خيرپور جي لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي پڻ ڪيائين. پي. آئي اي ۾ چئن سالن جي ملازمت دوران اڍائي سال جپان ۾ پڻ رهيو. 1998ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ٽيليويزن تي متعارف ٿيو. کيس ٽي ويءَ تي سينيئر پروڊيوسر سميع بلوچ آندو. هن وقت تائين سندس آڊيو ڪئسٽن جا ڪيترائي البم رليز ٿي چڪا آهن. ڪي ٽي اين ۽ ٻين چئنلن جو مقبول فنڪار آهي.


لفظ احمد مغلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.03.01  عيسوي

احمد مغل: احمد مغل ولد حيات علي مغل ، نامياري ڳائڻي رحمان مغل ( سرمد سنڌي ) جو ننڍو ڀاءُ آهي ، جنهن سرمد جي گائڪيءَ جو انداز اختيار ڪري ، سرمد جي راڳ کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . احمد مغل پهرين مارچ 1968ع تي ” پريالوءِ “ ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳونتي ناواڻي
فقيرعلي گل جلالاڻي صوفي
حسن علي عبدالرحمان
ارباب نورمحمد پليجو
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
پيرل پرديسي سيتائي
زرغونه
جتوئي عبدالحميد خان
ڀڳت چيلارام چاولا
علامه رشيد ترابي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون