داخلا ؛ 2373
پڙهيو ويو ؛ 3545
پسند ڪيو ويو ؛ 11
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


molvi-ahmed-malah.jpg
مولوي احمد ملاح
مولوي احمد ملاح



ٽائيم لائين

1877.02.01-A.D
احمد ملاح مولوي: سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر ، مولوي حاجي احمد ملاح ، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ” ڪنڊيءَ “ ۾ پهرين فيبروري 1877ع تي جنم ورتو .

1969.07.19-A.D
مولوي احمد ملاح: سنڌ جي هن بيمثال شاعر 19 جولاءِ 1969ع تي وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--احمد ملاح مولوي

ٽائيٽل ؛ احمد ملاح مولوي


شاخ : شاعر

احمد ملاح مولوي: سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي -بدين- جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري 1877ع تي -جنم- ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان -تعليم- مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. -ان- کان پوءِ -بدين- جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. 1932ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.
مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1922ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ 4 مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو.
مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو -ارباب- -الله- جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (1969ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1978ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، -ان- ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجهه سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، -ان- جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الاالہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي -تاج- جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (2003ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر 19 -جولاءِ- 1969ع تي وفات ڪئي. سندس مزار -بدين- شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي -تصوير- موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ -ان- -تان- خوبصورت -تصوير- پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد -تصوير- آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -احمد ملاح مولوي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

احمد ملاح مولوي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن