احمد ٺٽوي ملا

احمد ٺٽوي ملا: ملا احمد ٺٽوي مغل دور ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سان گڏ حڪمت جو ڌنڌو به ٺٽي ۾ سکيو. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ 22 سالن جي عمر ۾ سفر اختيار ڪيائين. اول مشهد پهتو، جتي مولانا افضل قائنيءَ کان علم ڪلام، حديث ۽ رياضيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شيراز آيو، جتي ملا ڪمال الدين حسين کان طب جي ۽ ملا مرزا جان کان ڪليات قانون، شرح ۽ حواشيءَ سان پڙهيائين، ان کان پوءِ عراق پهتو، جتان پوءِ حرمين شريفين جي زيارت ڪيائين. حنفي مذهب جي عالم خاندان جو فرد، علم طب ۽ علم تاريخ جو وڏو ماهر هو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ هن جو شيعا مذهب ڏانهن لاڙو ٿيو. سنڌ ڇڏي ايران جي مشهور شيعه بادشاهه طهما سپ صفويءَ جي درٻار ۾ وڃي پهتو. جتان ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ دکن پهتو، اتي مغل اعظم اڪبر بادشاهه جي صلح ڪل پاليسيءَ جو احوال ٻڌي 990 هجريءَ بمطابق 1571ع ۾ اڪبر جي درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه جي ملازمت جو شرف حاصل ڪيائين. ملا احمد ٺٽويءَ کي اڪبر بادشاهه حڪم ڪيو ته پهرين هجري سال کان وٺي اڪبر جي زماني تائين هڪ هزار سالن جي تاريخ لکي، اهو حڪم ٻڌي ملا احمد ”تاريخ الفي“ جي نالي سان، هجرت جي آغاز کان وٺي چنگيز خان جي زماني تائين ٻن جلدن ۾ تاريخ قلمبند ڪري 32 جلوس اڪبريءَ ۾ بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪئي، جنهن مقبوليت حاصل ڪئي، پر مُلا احمد کي انهيءَ ڪتاب پوري ڪرڻ جي فرصت ئي نه ملي، ڇو ته مغل امير فولاد برلاس مُلا احمد ٺٽويءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو. اڪبر بادشاهه ملا احمد ٺٽويءَ جي قاتل کي هاٿيءَ جي پيرن سان ٻڌرائي پوري لاهور شهر جو گشت ڪرائي کيس في النار ڪيو. اهو واقعو سن 1000 هجريءَ جو آهي. ملا احمد ٺٽويءَ سان صرف عالم هئڻ ڪري تمام گهڻو تعصب ۽ حسد هوندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو