اختر مورائي

اختر مورائي: قاضي محمد علي ’اختر مورائي‘ ولد قاضي عبدالڪريم 8 جنوري 1927ع تي گچيري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گچيري مان حاصل ڪيائين. فارسيءَ جا بنيادي ڪتاب پنهنجي والد ۽ ڀاءُ وٽ پڙهيائين. 43-1942ع ۾ سنڌي فائنل ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران شاعري شروع ڪيائين. ايم.اي سنڌي ۽ ايم. اي فارسيءَ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. 1951ع کان علمي ادبي سرگرمين ۾ آيو، 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جو باني سيڪريٽري ٿيو. ان کان سواءِ”بزم لطيف“ قائم ڪري، ان جو سيڪريٽري به ٿيو. قاضي محمد علي هڪ سٺي شاعر هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نگار، مضمون نويس ۽ ناٽڪ نويس به هو. سندس مضمون، شاعري ۽ افسانا، ان وقت جي مشهور ادبي رسالن ماهوار ”فردوس“ هالا ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپيا. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ تخلص ”اختر“ ۽ ”مسلم“ ڪم آڻيندو هو، جڏهن ته مزاحيه شاعريءَ ۾ ”علامه کڙپي“ استعمال ڪندو هو ۽ سندس مزاحيه شعر سڄيءَ سنڌ ۾ ائين مشهور هوندا هئا، جيئن نامور شاعر نياز همايونيءَ جا مزاحيه شعر عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ مشهور هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو