اختر هالائي

اختر هالائي

اختر هالائي

اختر هالائي: خليفو محمد عمر ولد خليفو حافظ عبدالرحمان ميمڻ، 27 ڊسمبر 1917ع تي، هالا ۾ ڄائو. سندس پهريون تخلص ”مجرم“ هو، جيڪو 1940ع ۾ بدلائي ”اختر هالائي“ اختيار ڪيائين. پاڻ مڪتبن ۾ پڙهيو. اردو، فارسي ۽ عربي پنهنجي وڏي ڀاءُ، مولوي ميرمحمد ”مداح“ وٽ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو. شروع ۾ گربيون ۽ سوسيون اڻندو ۽ اڻائيندو هو. پوءِ خانداني پيشو، يوناني حڪمت اختيار ڪيائين. هوميوپئٿڪ ۾ به عبور حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد سندس مامو محمد يعقوب ”مهمان“ هو. سندس ڪلام ”فردوس“، ”نئين زندگيءَ“، ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالن ۾ اڪثر شايع ٿيندو هو. 1951ع ۾ هفتيوار ”تعمير“ اخبار ڪڍيائين. ان تي بندش پوڻ کان پوءِ 1953ع ۾ هفتيوار ”ڪوثر“ جاري ڪيائين. ڪوثر جي مناسبت سان پنهنجي حڪمت خاني جو نالو به ”چشمهءِ ڪوثر“ رکيائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترائي اصلاحي، اخلاقي ۽ سياسي نظم به لکيائين، پر بنيادي طور هو غزل گو شاعر هو. سنڌ جي متعدد ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين. اختر هالائيءَ 27 آڪٽوبر 1959ع تي وفات ڪئي.


لفظ اختر هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.27  عيسوي

اختر هالائي: خليفو محمد عمر ولد خليفو حافظ عبدالرحمان ميمڻ ، 27 ڊسمبر 1917ع تي ، هالا ۾ ڄائو .


1959.10.27  عيسوي

اختر هالائيءَ 27 آڪٽوبر 1959ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذوالفقار مرزا
ابڙو شمس الدين
آخوند نور محمد ڀٽي
مائي ڀاڳي
سيد صالح شاهه نئنگ وارو
عبدالقادر لغاري مولوي
پنهور حاجي خان
ساجده جبين
شفيق الزمان مخدوم
جتوئي غلام رسول خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون