ڊاڪٽر اديب رضوي

ڊاڪٽر اديب رضوي

اديب رضوي ڊاڪٽر

اديب رضوي، ڊاڪٽر: گڙدن جي بيمارين جو ماهر ۽ پيوندڪار ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي 11 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ ڪلانپور، ضلعي جؤنپور، يو. پي (هندستان) ۾ پيدا ٿيو. اديب رضوي ڊائو مئڊيڪل ڪاليج، ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ برطانيه هليو ويو. 1970ع/1971ع ۾ واپس آيو ته ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان سول اسپتال ڪراچي ۾ ”يورالاجي“ شعبو قائم ٿيو. 1991ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ان وارڊ کي ’انسٽيٽيوٽ‘ ۾ تبديل ڪرڻ جو گڏيل طور قانون منظور ڪيو. ائين ان شعبي ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ائنڊ ٽرانسپلانٽيشن“ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنھن جو شمار هاڻي ايشيا جي بھترين طبي ادارن ۾ ٿئي ٿو. 2005ع کان هي ادارو فلاحي ٽرسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري ۾ او پي ڊي جي مريضن سميت، سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ گڙدن جي خرابيءَ ۾ ورتل مريضن جو مفت علاج ۽ ڊائيلاسس ڪيو ويندو آهي. مريضن جون سموريون ٽيسٽون پڻ مفت ۾ ڪيون وينديون آهن. بُڪين جي تبديليءَ جو پھريون آپريشن پڻ ڊاڪٽر اديب رضوي هن ئي اداري ۾ 20 نومبر 1985ع تي ڪيو هو ۽ هن وقت تائين هزارين اهڙا آپريشن ڪري چڪو آهي. 2003ع ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم جگر جي پيوندڪاريءَ جو پھريون ڪامياب آپريشن به سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي رهنمائي ۾ ڪيو. سندس هڪ اهم ڪارنامو سکر ۾ SIUT ڇاٻلاڻي مئڊيڪل سينٽر قائم ڪرڻ آهي، جڏهن ته ٻيو مئڊيڪل سينٽر ’مھرالنساء مئڊيڪل سينٽر‘ جي نالي سان ڪورنگي (ڪراچي) ۾ فعال آهي. ان کانسواءِ ايس آءِ يو ٽي جا ٻيا ڪيترائي سيٽلائيٽ سينٽر (جتي صرف ڊائيلاسس ٿيندي آهي، آپريشن نٿا ڪيا وڃن) جھڙوڪ: SIUT مظفر ڊائيلاسس سينٽر (مظفر آباد، آزاد جمون ۽ ڪشمير 2008ع)، SIUT ليڊي سر عبدالله هارون ڊائيلاسس سينٽر (شاهه فيصل ڪالوني، ڪراچي 1999ع) اپوا اڪرم خاتون ڊائيلاسس سينٽر (ناظم آباد، ڪراچي 2012ع)، SIUT حاجياڻي ڇٽل ٻائي ڊائيلاسس سينٽر (گارڊن ويسٽ، ڪراچي 2012ع)، SIUT پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر (ڪاٺوڙ، ڪراچي 2012ع)، SIUT لاڙڪاڻه ڊائيلاسس سينٽر (لاڙڪاڻه 2020ع) قائم ڪيا اٿس. جتي روزانو سوين مريضن جو مفت ۾ ڊائيلاسس ڪيو ويندو آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ’رئمن مئگسيسي‘ (Ramon Magsaysay) اوارڊ (1998ع)، ’حمدان اوارڊ‘ (2004ع)، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان ’Shousha‘ پرائز (2008ع)، سانا طرفان ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ‘ (2015ع) ۽ صدارتي اوارڊ ’نشان امتياز‘ (2018ع) سان نوازيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو