داخلا نمبر 2732
عنوان اذان
شاخ اسلام
پڙهيو ويو 621 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اذان

اَذانَ: لفظي معنيٰ خبردار ڪرڻ، سڏ ڪرڻ. اسلامي اصطلاح موجب اهي مقرر لفظ، جيڪي نمازن جي وقتن تي ٻانگو وڏي آواز سان ورجائيندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن کي باجماعت نماز لاءِ سڏيندو آهي. اهو طريقو نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جي مديني ۾ اچڻ کان پوءِ سن 2 هه/624ع ۾ جاري ٿيو. ٻين مذهبن ۾ گهنڊ گهڙيال وڄائڻ يا ناد وڄائڻ جو طريقو رائج آهي.
مسلمانن جي اذان ۾ چار دفعا تڪبير (الله اڪبر)، ٻه دفعا ”اشهد ان لا الہ الاالله“، ”اشهد ان محمد رسول الله“، ”حي علي الصلواة“، ”حي علي الفلاح“، ۽ تڪبير ۽ آخر ۾ هڪ دفعو ”لا الہ الا الله“ جا لفظ چيا ويندا آهن. صبح واري ٻانگ ۾ ”حي علي الفلاح“ کان پوءِ ”الصلواة خير من النوم“ جا لفظ به ٻه ڀيرا چيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ ٻارڙي جي ڄمڻ تي ان جي ساڄي ڪن ۾ ٻانگ ڏني ويندي آهي. هنن لفظن سان ته ”ڀلي آئين الله جا مهمان! توتي لکين رحمتون نازل ٿين“.
ڪنهن اوچتي آفت ۽ خطري جي وقت به مسلمانن ۾ ٻانگن ڏيڻ جو رواج آهي.


لفظ اذان هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بانگَ/ٻانگ
امام حسين عليه السلام
ابن حوقل
اذان
بلال رضي الله عنه
بلبل
اذان عشق
تراب صوفي ولي محمد
پير پٺو مسجد
جامع مسجد پير ذاڪري
ڄم بابت سنوڻ
هن صفحي کي شيئر ڪريو