داخلا نمبر 2735
عنوان ارباب حاجي خميسو ميمڻ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 417 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ارباب حاجي خميسو ميمڻ

ارباب حاجي خميسو ميمڻ: هيءُ تعلقي ميرپور بٺوري جي دڙي ڳوٺ جو ويٺل هو. 1870ع ڌاري ڄائو هو. تعليم پوري پُني هُيس. ڪيترائي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي ميمبر به چونڊيو ويو. 27 رمضان 1347هه/17 فيبروري 1929ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو