داخلا جي تاريخ 2012-03-14
داخلا نمبر 2738
عنوان ارباب غلام رحيم
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 1024 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم: ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1956ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. سندس تعلق ٿرپارڪر ضلعي جي ارباب خاندان مان آهي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڇڏڻ کان پوءِ ارباب غلام رحيم سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو پر هن ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ بدران سياست کي ترجيح ڏني. هن سياست ۾ شروعات 1981ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرميني سان ڪئي. بعد ۾ هو چار دفعا قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. 2002ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي تڪ پي ايس 60 مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾وزير ٿيو. 2004ع ۾ علي محمد مهر کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو. مخالفن ڏانهن سندس سخت رويو رهيو. هو جنرل پرويز مشرف جو وڏو حامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف رهيو. 2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ڳالهائڻ جي ڪري سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سندس سخت مخالفت ٿي پيا، نتيجي ۾ جنهن ڏينهن هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ قسم کڻڻ آيو ان ڏينهن اسيمبلي جي ورانڊي ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.09.15  عيسوي

ارباب غلام رحيم: ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1956ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون