ارجن (وڻ)

ارجن (وڻ ): هيءُ وڻ 8 کان 100 فوٽن تائين اوچو هوندو آهي ۽ ان جو ٿڙ 10 کان 20 فوٽن تائين ٿلهو هوندو آهي. جڏهن اهو وڻ 40 کان 50 فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي ته ان ۾ شاخون ڦٽنديون آهن. ان جي کل سڻڀي، اڇي ۽ خاڪي مائل اٽڪل اڌ انچ ٿلهي ٿيندي آهي ۽ ان جا پن 3 کان 6 انچن تائين ڊگها ۽ ڏيڍ انچ ويڪرا ٿيندا آهن. چيٽ ۾ هن وڻ کي پيلي رنگ جا ننڍڙا ننڍڙا گل ٿيندا آهن. هن وڻ جي کل دل جي مريضن لاءِ مفيد آهي. جديد طبي تحقيق به ان جي تصديق ڪئي آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته دل جي ڪمزوري، ڌڙڪي، سوڄ ۽ سور وغيره جون شڪايتون ان جي استعمال سان ختم ٿي وينديون آهن ۽ ڌڪ لڳڻ ڪري ٽٽل هڏين جوڙڻ لاءِ به مفيد آهي. ان لاءِ اندرئين ٻاهرئين ٻنهي طريقن جي استعمال سان ٽٽل هڏي به جڙي ويندي آهي. ان لاءِ ارجن جي کل کي ڪٽي ڇاڻي سفوف ٺاهي استعمال ڪرائيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو