داخلا نمبر 2793
عنوان اردشير ڪائوسجي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 492 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي: اردشير ڪائوسجي نامور صحافي ۽ واپاري شخصيت آهي. ڪراچيءَ جي هڪ قديم، معزز پارسي خاندان ۾ ڄائو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو اباڻو ڌنڌو ۽ سامونڊي واپار شروع ڪيائين. هن جي پنهنجي هڪ شپنگ ڪمپني هئي، 1986ع ۾ روزاني ”ڊان“ (DAWN) ۾ ان وقت جي حالتن تي، ايڊيٽر جي نالي خط لکڻ شروع ڪيائين. هن جا خط منفرد خيالن ۽ اسلوب تحرير جي تکائيءَ سبب، سياست ۽ دانش جي صاحبن ۽ وڏن وڏن نامور ڪالم نگارن کان به وڌيڪ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. ”ڊان“ جي ايڊيٽر جي فرمائش تي هن هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس پهريون ڪالم ئي تحرير جي آزاديءَ متعلق هو. پنهنجن سياسي ڪالمن سبب، ڪيترائي دفعا توهين عدالت جو ڏوهاري بڻجي، سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪو آهي. اردو ۽ سنڌي اخبارون هن جي هر ڪالم جو ترجمو شايع ڪنديون رهنديون آهن. اردشير کي مغربي ملڪن جي آرٽ جا شاهڪار جمع ڪرڻ جو به شوق آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو