ارمغان حامد

ارمغان حامد (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حاجي حافظ حامد ٽکڙائيءَ جي ڪلام جو ديوان آهي، جيڪو مرحوم محمد هاشم مخلص جو ترتيب ڏنل آهي. هي مختلف حصن ۾ ڇپيو هو. حافظ حامد ٽکڙائي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي ۽ غزل جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. هن ڊبل ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ صفحا 83 آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلمان پرنٽنگ پريس، ميرپورخاص مان 1926ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، مخلص پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1939ع ۾ شايع ٿيو. رمغان حامد جو ٽيون ڇاپو، جنهن ۾ 106 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا اٿس، هاشمي پريس، حيدرآباد مان، محمد خان غنيءَ، 1949ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، محمد خان غنيءَ، ڊيمي سائيز ۾ هاشمي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1959ع ۾ ڇپايو. هن ڇاپي جي قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي ۽ ڪتاب جو نالو ”ارمغان حامد عرف ديوان حامد“ ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب ”ارمغان حامد عرف ديوان حامد“ جي نالي سان ڇهون دفعو، محمد خان غنيءَ، هاشمي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1964ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو