داخلا نمبر 3865
عنوان ارڏو اترادي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 515 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ارڏو اترادي

ارڏو اترادي: ارڏي اتراديءَ جو اصل سندس اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي آهي. 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول کان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽِيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين. 1968ع ۾ ”عاجز“ تخلص سان شاعريءَ ذريعي ادب ۾ داخل ٿيو. سندس سموري شاعري ارڏائي واري هئي ان ڪري دوستن جي اسرار تي ”ارڏو اترادي“ نالو اختيار ڪيائين. سٺو شاعر، اديب ۽ استاد آهي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سائين جي. ايم. سيد سان عقيدت رکڻ ڪري ڪجهه عرصو جيئي سنڌ محاذ سان به وابسته رهيو. سماجي ورڪر آهي ۽ سگا شاخ ڪنڌڪوٽ سان وابسته آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”جنگ جو اعلان“ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته ”موت کي مات“ ۽ ”اکڙين جو جام“ سندس شاعري جا اڻ ڇپيل مجموعا آهن ۽ ”آتم ڪهاڻي“ ۽ ”اڻ وسرندڙ ڪهاڻي“ نثري ڪتاب اڃا شايع ٿي نه سگھيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.05.17  عيسوي

ارڏو اترادي: ارڏي اتراديءَ جو اصل سندس اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي آهي . 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون