داخلا نمبر 873
عنوان استاد الهڏنو نوناري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 327 ڀيرا
داخلا جو حوالو
استاد الهڏنو نوناري

استاد الهڏنو نوناري

استاد الهڏنو نوناري

استاد الهڏنو نوناري: استاد الهڏنو نوناري، سر زمين سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن باگڙجي، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پهريون گائڪ هو، جنهن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ به مهارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. استاد عاشق علي خان جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنهن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نهايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگ“ راڳ تي وڏي مهارت حاصل هئي، ان کان سواءِ آسا ۽ ڀيروي به ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن. هن 1951ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو