داخلا نمبر 876
عنوان استاد امير علي خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 237 ڀيرا
داخلا جو حوالو
استاد امير علي خان

استاد امير علي خان

استاد امير علي خان

استاد امير علي خان: ناميارو نوجوان راڳي، امير علي خان'>استاد امير علي خان، 1961ع ڌاري، سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾، استاد رمضان عليءَ جي گهر ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.
ننڍي هوندي کان وٺي راڳ سان دلچسپي هئس. ابتدائي سکيا، پنهنجي پيءُ استاد رمضان عليءَ کان ورتائين. بعد ۾ خانصاحب تان رس خان جي ڏوهٽي، استاد واحد حسين خان کان باقاعدي سکيو. موسيقار نياز احمد خان کان ڪمپوزيشن جي تربيت وٺي 1984ع ۾، پي. ٽي ويءَ ڪراچي مرڪز تي اسسٽنٽ ڪمپوزر مقرر ٿيو. هن وقت تائين سندس گيتن جا 9 کان وڌيڪ البم اچي چڪا آهن. هن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي چئن ٻولين ۾ ڳائي، “Latif is Great” جي عنوان سان هڪ البم جاري ڪرايو آهي، جيڪو سڪرنڊ جي ناز پراڊڪشن هائوس جاري ڪيو آهي. سندس فن جي مڃتا طور ادبي تنظيم ”ڪاروانِ ادب سنڌ“ ۽ آءِ. جي سنڌ آفتاب نبيءَ ۽ ڪي.ٽي.اين طرفان کيس اوارڊ مليا آهن. جڏهن ته 1996ع کان 1998ع تائين لاڳاتار ٽي سال، مصري شاهه اوارڊ حاصل ڪيو اٿس. امير علي خان،”سُر شاهه، سمنڊ“ جي نالي سان موسيقيءَ متعلق هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو سنڌي لئگئيج اٿارٽي 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لطيف سائينءَ جي اهم راڳن بابت ڄاڻ ڏني آهي. سندس ٻيو ڪتاب شاهه جي راڳ جي لکيت ۾ نوٽيشن جي باري ۾ آهي، جيڪو ڇپائيءَ جو منتظر آهي. موسيقيءَ جي سکيا لاءِ سندس هڪ ادارو ”شاهه لطيف، ميوزڪ سينٽر“ نالي سان حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ موسيقيءَ جي استاد طور سکيا ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

: ناميارو نوجوان راڳي، استاد امير علي خان، 1961ع ڌاري، سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾، استاد رمضان عليءَ جي گهر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون