داخلا ؛ 883
پڙهيو ويو ؛ 2735
پسند ڪيو ويو ؛ 13
تاريخ ؛ 2012-01-30


تصويرون


Ustad-Bukhari.jpg
استاد بخاري
استاد بخاري



ٽائيم لائين

1930.01.16-A.D
استاد بخاري: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد احمد شاهه ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو.

1992.10.09-A.D
استادبخاري 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--استاد بخاري

ٽائيٽل ؛ استاد بخاري


شاخ : شاعر

استاد بخاري: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد -احمد شاهه- ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 -جنوري- 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ -تعليم- کاتي ۾ -استاد- مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي -تان- رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جيڪي هيٺيان آهن: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون جوتون‘ (1985ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون، ڀڻڪا، واڪا‘ (1990ع)، ’لهر لهر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘ (1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘ (1993ع)، ’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نه مارئي‘(1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)، ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)، ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)،

’پير نه هٽن پوئتي‘ (2007ع)، ’ڌوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)، گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’هي گجرا هي گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي هيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘ (1999ع) ۽ ’تڙ -تڙ- تيڏيان ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري- 2001ع). -استاد- بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.

سنڌي زبان جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 -آڪٽوبر- 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. 10 -آڪٽوبر- 1992ع تي دادوءَ ۾ دفن ٿيو. سندس شخصيت ۽ فن تي -تاج- جويي جو ”قوم چوي ٿي ٻول“ نالي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي ٻيو اهم ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي. -ان- کان سواءِ -استاد- بخاريءَ جي نثري لکڻين، انٽرويوئن، مهاڳ وغيره تي مشتمل ڪتاب آزاد -انور- ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپايو آهي. -استاد- بخاريءَ جا ڪلام جهر جهنگ فنڪار ڳائين ٿا ۽ سنڌ جو بيحد مقبول شاعر آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -استاد بخاري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

استاد بخاري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن