داخلا نمبر 3911
عنوان اسحاق انصاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1011 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
اسحاق انصاري

اسحاق انصاري

اسحاق انصاري

اسحاق انصاري: ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي انيس انصاريءَ جي گهر ۾، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي. سي اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪيائين، تنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان بي. ايس. سي ڪري 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (اسٽيٽڪس) فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. جنوري 1990ع ۾ ڪلچرل ايڪسچيج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪو سلوواڪيا مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو، جتي هن پريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. 1995ع ۾ هو پي. ايڇ. ڊي ڪري واپس وطن وريو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي چڪو آهي ۽ ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هن وقت بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، بزيٽڪ ۽ سي. بي. ايم ادارن جو ريسرچ گائيڊ به آهي. اسحاق انصاري جي پهرين لکڻي گل ڦل ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي. تنهن کان پوءِ هو مسلسل سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”خالي بينچ“ (ناول 2000ع)، ”پرين هُن پار“ (سفرنامو: 2008ع) آهن، جڏهن ته 2 ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. اسحاق انصاري ادب کان علاوه فوٽوگرافي، راندين ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهي، مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.04  عيسوي

اسحاق انصاري: ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي انيس انصاريءَ جي گهر ۾ ، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون