داخلا ؛ 1012
پڙهيو ويو ؛ 696
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-02-02


تصويرون


Ishaq-Samejo.jpg
اسحاق سميجو
اسحاق سميجو



ٽائيم لائين

1975.03.18-A.D
اسحاق سميجو 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--اسحاق سميجو

ٽائيٽل ؛ اسحاق سميجو


شاخ : شاعر

اسحاق سميجو: شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ -اسحاق سميجو- 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي، سنڌي ادب ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
ننڍي هوندي کان ئي ادب سان گهرو لڳاءُ هئس. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. ٻارڙن لاءِ گهڻا گيت، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. 1990ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس ترتيب ڏنل ٻه ڪتاب، ’دنيا جون لوڪ آکاڻيون‘ ۽ ’تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار ’گلستان‘ ۽ ’ٻارڙن جي سنڌ رنگ‘ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي. کيس سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ’ڪينجهر -تنقيد- ايوارڊ 1994ع‘ مليو. جڏهن ته عوامي آواز، ڪاوش ۽ پاڪ -اخبار- ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي ۽ ڪجهه وقت روزاني ”سنڌ“ ۾ اسسٽنٽ نيوز -ايڊيٽر- جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اٿس. -ان- سان گڏوگڏ ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي پندرهن روزه ادبي پروگرام ’ادبي سنگت‘ ۾ سلسلي ’سرجڻهار‘ جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ قلمڪارن جي وفد سان 2008ع ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي. هن شيخ -اياز- جي غزلن جو ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ (2004ع) ۽ سنڌي رومانوي غزلن تي مشتمل ڪتاب ”دل جو رستو“ 2003ع ۾ ترتيب ڏنا آهن، جيڪي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپايا ويا آهن. سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ (2005ع) به ڇپجي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”صدا بيچين آهي“ (2001ع) ۽ ”گناهه جا گيت“ (2005ع) پڻ ڇپيل آهن. -ان- کان سواءِ هن وقت ٽماهي ”سارنگا“ پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- آهي. جنهن جا 6 پرچا ڪڍي چڪو آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اسحاق سميجو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اسحاق سميجو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن