داخلا نمبر 3912
عنوان اسحاق عليه السلام
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 549 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

اسحاق عليه السلام

اسحاق عليه السلام: الله تعاليٰ جو پيغمبر هو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ بيبي ساره جو فرزند هو. قرآن پاڪ ۾ سندس تمام گھڻو ذڪر آيل آهي، اهو ذڪر سورة البقره (127، 130، 134)، آلِ عمران (78)، النساء، (161)، انعام، (184)، هود، (73)، يوف، (6، 38)، ابراهيم، (41)، مريم، (50) انبياءِ، (72)، عنڪبوت، (26)، صافات، (113) ۾ موجود آهي. بائيبل جي بيان موجب حضرت اسحاق عليه السلام جي شادي حضرت ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي پوٽي ربقه سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻه فرزند عيص يا عيسو ۽ يعقوب ٿيا. حضرت اسحاق عليه السلام تمام وڏي عمر ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو