داخلا نمبر 1015
عنوان اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 475 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

اسحاق فقير ”ڪارو“ مڱڻهار: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو. هن 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن سيد سليمان شاهه جي وڏي ڀاءُ، سيد قاسم علي شاهه کان راڳ جي سکيا ورتي. بعد ۾ ٽولين سان گڏجي شادين مرادين ۽ ميلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. ان دور ۾ بغير لائوڊ اسپيڪر جي ڳائڻ جو رواج هوندو هو. اسحاق فقير جو گلو صاف، آواز جاندار ۽ سريلو هوندو هو. کيس 1978ع ڌاري مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي هن پهريون ڪلام به مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ جو پيش ڪيو. جنهن جا ٻول هئا ”تو نه لوئيءَ کي لڄايو، راڄ راڻي مارئي، سنڌ کي آ ناز توتي، سنڌياڻي مارئي“ ۽ اهو ڪلام بيحد مقبول ٿيو. اسحاق فقير لاڙ جي انهن ڪجهه مقبول ڳائڻن منجهان هو، جن جو پنهنجو انداز هوندو هو. هن ڪڏهن به نقل نه ڪيو. هميشه پنهنجون ڌُنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو. غزل کي سنڌي رنگ ۾ ڳائڻ جو سندس پنهنجو انوکو ۽ وڻندڙ انداز هو، سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪريم بخش خان نظاماڻي سندس قدر ڪندا هئا. رئيس ڪريم بخش هن جو ذڪر پنهنجي مشهور آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سائين جي. ايم. سيد کي اسحاق فقير جي ڳايل، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي هن ڪلام تي اشڪبار ڏٺو ويو، جيڪو سائينءَ جي پسند جو ڪلام به هو:
غمن ۾ به کلندي گذاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين،
وساريان سي دوکا سڀئي دوستن جا،
نه دشمن ٿياسين، ڪڏهن دشمنن جا،
اڱڻ آيو جيڪو کيڪاري ڇڏيوسين.
اسحاق فقير وڏي عرصي کان تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ ڪٽنب سان رهندو هو. بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب، ڳچ عرصي کان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هئائين. اعليٰ اختيارين تائين پهچ نه هئڻ سبب سندس ڪنهن به طرح جو علاج يا مدد نه ٿي سگهي. ائين هن انتهائي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ 16 جون 2009ع تي پنهنجي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو.


2009.06.16  عيسوي

اسحاق فقير ڪاري مڱڻهار 16 جون 2009ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون