مرزا اسد بيگ مرزا

مرزا اسد بيگ مرزا

اسد بيگ اسد مرزا

اسد بيگ ”اسد“ مرزا: مرزا اسد بيگ ”اسد“ ولد مرزا قليچ بيگ 18 سيپٽمبر 1913ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سٺو شاعر ۽ نثر نويس هو. مرزا اسد بيگ ابتدائي تعليم ميونسپل اسڪول ٽنڊي ٺوڙهي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي. 1934 کان سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳو ۽ سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندي 1970ع ۾ رٽائر ٿيو. سندس پرورش ”شمس العلماءِ“ مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم پيءُ جي شفقت ۾ ٿي، ان ڪري علم ۽ ادب کيس ورثي ۾ مليو. شاعريءَ ۾ استاد خود سندس والد محترم هو، سندس ڪلام پختو، سادو، رنگين ۽ نمڪين آهي. حمد نعت، منقبت، غزل، نظم، قطعا ۽ ڪافيون چيون اٿس. اسد مرزا ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا جيڪي بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان منظور ٿيل هئا. ان کان سواءِ ڪوآپريٽو ڊراما ۽ ڊائلاگ ۽ ”ديوان قاسم“ جي ترتيب وارا سندس ڪتاب اچي وڃن ٿا. ديوان قاسم سنڌي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو. ان ڪتاب جي مقدمي کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”عجيب جواهر“ ۽ ”ڪلام قليچ“ شآيع ٿيل آهن. هو ماهنامه ”قليچ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. آگسٽ 1970ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي تمثيلي مشاعري ۾ مرزا اسد بيگ پنهنجي والد مرزا قليچ بيگ جو ڪردار ادا ڪيو جيڪو سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن اهڙو ڪردار 31 ڊسمبر 1981ع تي سنڌي ڊرامي جي سئو ساله جشن جي موقعي تي ٿيل تمثيلي مشاعري ۾ پڻ ادا ڪيو هو. مرزا صاحب 1980ع ۽ 1981ع ۾ پهرين ۽ ٻي ڪل پاڪستان اهل قلم ڪانفرنس اسلام آباد ۾ شريڪ ٿيو. 1986ع ۾ کيس پراونشل ايجوڪيشنل ڪائونسل ۾ ميمبر طور کنيو ويو. مرزا اسد بيگ ”اسد“ 10 اپريل 1990ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.08.18  عيسوي

مرزا اسد بيگ 18 سيپٽمبر 1913ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ ڄائو


1990.04.10  عيسوي

مرزا اسد بيگ 10 اپريل 1990ع تي ڪرچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم ڳاڙهوي
حافظ شيرازي
سليم جعفر
اصغر شر
رحمان بابا
سليمان شاهه لڪياري
حمايت علي شاعر
صوفي شرف الدين شرف
شاهه عنات رضوي ميون
روشن محمد ذهين ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون