داخلا جي تاريخ 2012-02-03
داخلا نمبر 1071
عنوان اسرار شام
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 753 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اسرار شام

اسرار شام

اسرار شام

اسرار شام: سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام جو جنم 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد جمعو ميمڻ هو. اسرار جو اصل نالو اسرار احمد ميمڻ آهي. هو ابتدا ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ اخبار جو اسٽاف رپورٽر رهيو، بعد ۾ 1987ع کان وٺي سنڌي ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، معلوماتي ۽ تفريحي ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو نالو ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ رکيائين. هن وقت تائين ان ڪتابي سلسلي جا 60-70 کان وڌيڪ ڪتابڙا منظرعام تي اچي چڪا آهن. پاڻ وقت بوقت سنڌي ٻارڙن لاءِ مختلف تفريحي پروگرامن جو بندوبست پڻ ڪندو رهيو آهي. سنڌي ۽ اردو اسٽيج ڊرامن جي فيلڊ ۾ به وڏو حصو ورتو اٿس. مشهور اسٽيچ ناٽڪ ”لوئي لڄ“ جي گولڊن جوبلي شو تي کيس سونو تاج پهرايو ويو. سندس طويل انٽرويوءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پندرهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ ٻلا ڏنا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو