اسرافيل عليه السلام

اسرافيل عليه السلام: حضرت اسرافيل عليه السلام هڪ وڏو فرشتو آهي. مسلمانن جي عقيدي موجب حضرت اسرافيل عليه السلام قيامت واري ڏينهن صور يا ناد ڦوڪيندو، ته دنيا جا سمورا ماڻهو مري ويندا. جڏهن ٻيو دفعو صور ڦوڪيندو ته سڀئي ماڻهو ٻيهر زندهه ٿي ويندا، ۽ حشر واري ميدان ڏانهن ڀڄندا ايندا، جتي سندن عملن جو حساب ڪيو ويندو. اهو عقيدو مسلمانن کان سواءِ عيسائين ۾ پڻ موجود آهي.


لفظ اسرافيل عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو