داخلا جي تاريخ 2012-02-03
داخلا نمبر 1091
عنوان اسفند يار ولي
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 470 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اسفنديار ولي

اسفنديار ولي

اسفند يار ولي

اسفند يار ولي: اسفند يار ولي خان، سرحد صوبي جي هاڪاري سياسي گهراڻي مان آهي ۽ هن وقت عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جو سربراهه آهي. سندس والد خان عبدالولي خان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملڪ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست تي ڇانيل رهيو. سندس ڏاڏو خان عبدالغفار خان برصغير جي صف اول جو سياستدان ۽ ڪانگريسي هو، کيس ”سرحدي گانڌي“ سڏيو ويندو هو. خان عبدالغفار خان پنهنجي صوبي ۾ سرخپوش تنظيم ٺاهي هئي. ولي خان ۽ اسفند يار ولي ان تنظيم جي بنياد تي ئي سياست ڪندا رهيا.
اسفند يار ولي 19 فيبروري 1949ع تي باغ ولي ضلعي چارسده صوبي سرحد ۾ ڄائو. هن ايم. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هو 1990ع ۾ صوبائي، 1993ع ۾ قومي اسيمبلي، 1997ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 2005ع ۾ سينيٽر رهيو آهي. هو 2008ع جي چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
اسفند يار ولي هن وقت پختون قومپرستيءَ واري سياست ڪري رهيو آهي ۽ سندس پارٽي اي اين پي جي سرحد صوبي ۾ حڪومت آهي ۽ وفاق ۽ سنڌ صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ سان اتحاديءَ طور حڪومت ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو