اسلام ڪوٽ

اسلام ڪوٽ: هي سنڌ جو قديمي شھر آهي، جنھن کي 2014ع کان، تعلقي جو درجو مليل آهي. اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر جو ٻيو نمبر وڏو شھر ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر آهي، هن جو پراڻو نالو ’اسلام ڳڙهه‘ آهي. هتي اڳي ٽالپرن قلعو جوڙائي شھر تي ”اسلام ڳڙهه“ نالو رکيو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو. هن وقت انهيءَ شھر جون ڪيتريون ئي جايون، ان قلعي جي سرن مان ٺھيل آهن. هتي گيهه ۽ ڪپڙي جي ڀرت جو واپار هلي ٿو. هتي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ الڳ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول، تار گهر، ٽپال گهر، پوليس ٿاڻو، ٽائون ڪميٽي، جانورن جي اسپتال، ڍَڪُ، مسافرخانا ۽ هاڻي ڪيترائي گيسٽ هائوس موجود آهن. هي مٺي ۽ ننگرپارڪر جي وچ تي چڱو واپاري مرڪز وارو شھر آهي. هن جي ويجهو ٿهاريي هاليپوٽي ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو لڌو ويو آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ڀڳت نيڻو رام جو هڪ وڏو آشرم موجود آهي، هن آستاني تي روزانو سوين ماڻهو مفت لنگر کائيندا آهن. تاريخي پسمنظر: اسلام ڪوٽ جو موجوده شھر، ’نِٻڪِي‘ جي نالي سان چند گهرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هتي راجپوت، ڪنڀر، بجير، مينگهواڙ ۽ بعد ۾ سوٽھڙ ۽ فقيرن جو هڪ گهر آباد ٿيا. ماضيءَ جي ’نٻڪِي‘ ۽ حال جي اسلام ڪوٽ جي پراڻي مارڪيٽ جي اندر ٽائون ڪاميٽي جي دڪانن واري جاءِ تي پاڻي جو هڪ ٽوڀو يعني ننڍو تلاءُ ھو. ڏکڻ پاسي ننڍو دڙو هو جنهن تي بجيرن ۽ ڪنڀارن جا گهر هئا. اتر پاسي راجپوت ۽ سوٽھڙن جا، اوڀر اتر پاسي مينگهواڙن جا گهر ۽ اولهه ۾ جهنگ هو، جتي پوءِ 95/1790ع ۾ مير فتح علي خاناسلام ڳڙهه‘ جي نالي سان هڪ ڪوٽ تعمير ڪرايو. هن علائقي تي ’نِٻن‘ سوڍن جو راڄ ھو. اهي ڪلهوڙن جا ڏن ڀرو ھئا. سوڍا اهو ٽيڪس، جالنگ يا مال جي ننگ جي صورت ۾ عوام کان وٺندا هئا، پر اُهو ڏن ميرن تائين نه پھچندو هو، تڏهن ٽالپرن سڄي ٿر ۾ ڪوٽ اڏائي پنھنجو اقتدار قائم ڪيو. مير فتح علي خان اُهو ڪوٽ، اسلام ڪوٽ جي موجوده مين پرائمري اسڪول جي جاءِ تي اڏرائي پنھنجا نمائندا مقرر ڪيا. ان دور ۾ لوهاڻه ٿر ۽ لاڙ جي وڏن ڳوٺن ۾ آباد هئا. ميرن کي حساب ڪتاب لاءِ پڙھيل لکيل ماڻهن جي ضرورت هئي. لوهاڻن ۾ ان وقت به تعليم هئي ۽ گرمکي/ واڻڪي ٻوليءَ جا ماهر هئا. ميرن جي بھترين انتظام سبب لوهاڻن کي ڪاروباري تحفظ مليو ۽ آهستي آھستي مختلف ڳوٺن کان لڏي هتي اچي آباد ٿيا. انگريزن جي دؤر (23/1922ع) ۾، ميرخان کوسي اسلام ڪوٽ ۾ وڏو ڌاڙو هنيو. پاڪستان ٺھڻ بعد ’اسلام ڳڙهه‘، اسلام ڪوٽ ۾ بدلجي ويو. ائين لوهاڻه ايندا ويا ۽ ڪاروبار وڌندو رهيو. پراڻي مارڪيٽ جي وچ واري ٽوڀي جي وڻڪار وٽ ٻھراڙيءَ مان آيل گراهڪ پنھنجا اٺ، گهوڙا ۽ گڏھه ٻڌندا هئا. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڪوٽ جي مرمت نه ٿيڻ سبب اهو ڊھڻ شروع ٿيو. شھرين ڪوٽ جون سرون ڪڍي پنھنجا گهر پڪا ڪيا. ائين هي ڪوٽ، مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيو. 1970ع ڌاري لاريون آيون ته مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو. وسڪاري بعد جڏهن جنس لھندي هئي تڏهن اسلام ڪوٽ جو واپار وڌي ويندو هو. 80/1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسلام ڪوٽ جو وڏو اوج هو. بجلي نه هئڻ ڪري گهٽين ۽ چوڪن تي رات جو فانوس ٻرندا هئا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير ٿيل اها پراڻي مارڪيٽ اڄ به زبون حالت ۾ موجود آهي. هتي جي مشھور سياسي سماجي شخصيت سيٺ نھالچند جي چيئرميني واري دؤر ۾ بھترين منصوبه بندي تحت مارڪيٽ کان ٻاهر ڪجهه فاصلي تي مسافر خانو، ٽيليفون ايڪسچينج، ٽائون ڪاميٽي آفيس، پوليس ٿاڻو ۽ ضلعي ڪائونسل پاران هاءِ اسڪول جون عمارتون تعمير ٿيون. اسڪول ۽ مسافر خاني وچ ۾ خالي پيل ايراضيءَ تي پراڻو لاري اڏو ۽ هاڻي نئين مارڪيٽ اڏي ويئي آهي. سيٺ نھالچند جي دؤر ۾ شھر جي گهٽين ۽ مارڪيٽ جا پڪا رستا تعمير ٿيا. سندس دلچسپي سبب اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ويندڙ رستي جي ٻنھي پاسن ۽ شھر جي خاص هنڌن تي نمن جا وڻ پوکيا ويا، جنھنڪري اسلام ڪوٽ ’نِمن واري شھر‘ طور مشھور ٿيو. ڪاروباري لحاظ کان هي ٿرپارڪر ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي. شھر ۾ ايندڙ غريب، بي پھچ ماڻهن، مريضن، شاگردن ۽ ڏڪار دوران لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن لاءِ هن شھر ۾ ’سنت نيڻُو رام آشرم‘ خاص اهميت رکي ٿو.سنت نيڻُو رام جو تعلق لوهاڻا برادري سان هو، جنھن پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي هٿ سان خيراتي ڪم ڪيا. سندس آشرم ۾ پکين کي داڻا، غريب ماڻهن، مريضن ۽ شاگردن جي لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جو مڪمل بندوبست ڪيل آهي. ان کان علاوه آشرم ۾ چوپائي مال ۽ ٻين بيمار ۽ نٻل جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست به ٿيل آهي. لڏپلاڻ دوران ٿر جا ماروئڙا ڪم يا ڏڪار وارين حالتن ۾ سفر دوران پنھنجو ٿڪ آشرم ۾ اچي لاهيندا آهن. سج اڀرڻ سان گڏ آشرم ۾ پکين جو وڏو ميڙ ڏسڻ وٽان هوندو آهي، جتي پکي پنھنجي اڃ ۽ بک اجهائيندا آهن. انهن پکين جو تعداد ڏڪار وارين حالتن ۾ ويتر وڌي ويندو آهي، ڇو ته ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي ٻنين ۾ ڪو به فصل نه هئڻ سبب اهي پکي آشرم جو رخ ڪندا آهن. سنت نيڻُو رام جو ميلو هر سال سيپٽمبر مھيني ۾، اسلام ڪوٽ ۾ سندس سماڌيءَ تي لڳندو آهي، جيڪو ٽي ڏينھن جاري رهندو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل اسلام ڪوٽ واسي انهن ڏينھن تي ميلي ۾ پھچي خير جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندا آهن. سرڪار طرفان روڊ، بجلي، ٽيليفون ۽ ٻيون سھولتون ملڻ کان پوءِ، آسپاس جي ڳوٺن جون مختلف برادريون لڏي اچي اسلام ڪوٽ ۾ رهيون آهن. ان کان علاوه ڪجهه برادرين ٻارن جي تعليم۽ مستقبل ۾ ڪوئلي سبب شھر ۾ ايندڙ ترقي ۽ وڌندڙ ڪاروباري موقعن کي ذهن ۾ رکي اسلام ڪوٽ جو رُخ ڪيو آهي. 91-1990ع کان لاري اڏي/ بس اسٽينڊ تي نوان دڪان کلڻ سبب پراڻي مارڪيٽ جو زوال آيو ۽ 2000ع تائين لڳ ڀڳ سڄي مارڪيٽ لاري اڏي ڏانهن منتقل ٿي ويئي. ارباب دؤر ۾ هن شھر کي پڪي روڊ وسيلي باقي سنڌ سان ڳنڍيو ويو. شھر جي هاءِ اسڪول اڳيان ننڍڙو باغيچو به ٺاهيو ويو آهي. اسلام ڪوٽ جي مشھور ليکڪ ۽ استاد اشرف سمي پاران مخدوم بلاول جي نالي سان هڪ خانگي لائبريري به قائم ڪيل آهي. اسلام ڪوٽ هن وقت پاڪستان جي ترقيءَ ۾، مستقبل جي مضبوط معيشت طور سامھون اچي رهيو آهي. ملڪ مان بجليءَ جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام ڪوٽ ۽ اُن جي ڀرپاسي ڪوئلي جي کاڻين مان دنيا جو بھترين ڪوئلو ڪڍي، اُن مان وڏي پئماني تي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن رٿا وسيلي اسلام ڪوٽ ۽ آسپاس جي مقامي ماڻهن لاءِ ڪيترائي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه مقامي ماڻهن جي صحت ۽ تعليم لاءِ جديد اسپتال ۽ ماڊل تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن. شھر کي ماڊل سٽي بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون غور هيٺ آهن. تازو حڪومت پاڪستان طرفان اسلام ڪوٽ کي، ريلوي وسيلي پاڪستان جي باقي علائقن سان ملائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ رهندڙ برادرين ۾: سارسوُت برهمڻ، لوهاڻا، مينگهواڙ، سوٽھڙ، سما، راهما، ڪنڀر، بجير، خاصخيلي، ميمڻ، لنجا، هنڱورجا، جوڻيجا، وسائيپوٽا، سيد، انڙ، وڪيا، نھڙيا، فقير، گُرڙا، ٺڪر ۽ ڪولهي، لوهار، مهاراج، نائي ۽ ڀيل شامل آهن.


لفظ اسلام ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو