اسلام ڳڙهه جو قلعو

اسلام ڳڙهه جو قلعو: مٺيءَ کان ٢٨ ميل پري هي قلعو ميرن جي دور ٩٥- ١٧٩٠ع مير فتح خان جي وقت جو آهي. ھي قلعو مير فتح علي خان ٺھرايو. تعمير تي ١٢ لک خرچ آيو. قلعي جي چئني ڪنڊن تي پھڻ استعمال ڪري ٺلهه ٺاھيا ويا. انھن پھڻن جي ڊيگهه گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ فوٽ، وڌ ۾ وڌ ٣ فوٽ آھي. قلعي جي ڊيگهه ١٢٠ فوٽ ۽ ويڪر ١٠٠ فوٽ آھي. سرحد کي ويجھو ھئڻ سبب ڀتيون مضبوط آھن. روايت آھي ته قلعي اندر سوا سؤ سپاھين جي مستقل رھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. ان کان سواءِ بارود خانو الڳ ۽ ھڪ جيل به ٺھيل ھو. کوٽائيءَ دوران (١٨٨٤ع) توبن ۽ بندوقن جا ڀڳل ٽڪرا ھٿ آيا. ديوارون ٣٠ فوٽ اوچيون ۽ ڪنڊن تي برج ٺھيل هئا. ھڪ برج تي گيٽ به ٺاھيو ويو ھو. گيٽ اوڀر طرف ھو. مير صوبدار خان پنھنجي چاچن جي خلاف بغاوت ڪئي، تڏھن اسلام ڪوٽ ۾ ويھي جنرل ھوش محمد جي معرفت لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. ١٩٣٢ع ۾ کوسن ڪوٽ کي ڦريو. وري ١٩٢٢ع ۾ ميرخان کوسي هن قلعي يا ڪوٽ کي لٽيو. ھاڻي اسلام ڪوٽ جو اسڪول ھن ھنڌ ٺھيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو